ايم ڪيو ايم اڳواڻ روڊ حادثي ۾ ٽن گارڊز سميت زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڀرسان حادثي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سينيئر اڳواڻ خواجه اظهار الحسن ۽ سندس 3 گارڊ زخمي ٿي پيا آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سينيئر اڳواڻ خواجه اظهار الحسن گهوٽڪي ۾ وزيراعظم جي جلسي ۾ شرڪت بعد واپس وڃي رهيو هو ته ڪراچي ڀرسان ٽول پلازه وٽ سندس گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو. جنهن جي نتيجي ۾ خواجه اظهار سوڌو 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خواجه اظهار کي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت به پهتي. حادثي ۾ خواجه اظهار جا 3 گن مين زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. فيصل سبزواري صحافين کي ٻڌايو ته خواجه اظهار کي مٿي، چيلهه ۽ ڇاتيءَ تي ڌڪ لڳا آهن، سندس حالت خطري کان ٻاهرآهي ۽ هو هوش ۾ به آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو