ايم اين اي پاران اسڪول کي فرنيچر ۽ آر او پلانٽ ڏيڻ جو اعلان

جروار (محمد بخش گبول ) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر هاءِ اسڪول جروار پهچي اسڪول جي ڪلاسن رومن جو دورو ڪري شاگردن کان حال احوال ورتا بعد ۾ استادن سان هڪ ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ استادن  ايم اين اي محمد بخش خان مهر کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ مڪمل طور تباھ ٿيل آھي اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ آھي بجلي چار مهينن کان بند پيل آھي هتي ٻارن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نه آھي. جنهن بعد پ پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر خطاب ڪندي چيو ته ڀڳت ڪنور رام جي شھر ۾ تعليمي ادارا تباه لڳا پيا آھن اسڪول ۾ ڪابه سهولت نظر نه ٿي اچي. هن اعلان ڪيو ته جروار هاءِ اسڪول کي نئين بلڊنگ لاءِ  حڪومت سان ڳالهائي جلد پيڪيج وٺي بلڊنگ نئين ڪرائي ويندي. هن اسڪول کي فرنيچر ۽ مٺي پاڻي لاءِ آر او پلانٽ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو