ايمن الزواهري جي موجودگي طالبان معاهدي جي خلاف ورزي آهي: آمريڪا

ايمن الزواهري جي موجودگي طالبان معاهدي جي خلاف ورزي آهي: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايمن الظواهري جي ڪابل ۾ موجودگي طالبان سان معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي.آمريڪي انتظاميا موجب طالبان دهشتگردن کي پناهه نه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. ايمن الظواهري تي ڊرون حملو 31 جولاءِ جي صبح جو 6 لڳي 18 منٽن تي ڪابل جي وقت موجب ڪيو ويو ۽ 2 ميزائل فائر ڪيا ويا.ڊرون حملي جي حوالي سان آمريڪي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايمن الظواهري پنهنجي ڪٽنب سان ڪابل ۾ محفوظ گهر ۾ هو. ايمن الظواهري جي مارجڻ کان پوءِ حقاني نيٽ ورڪ سندس گهرڀاتين کي گهر مان ٻاهر ڪڍيو.آمريڪي انتظاميا موجب خفيه ايجنسيون اپريل کان ايمن الظواهري جي نگراني ڪري رهيون هيون. ايمن الظواهري کي آمريڪي صدر جي اجازت کانپوءِ نشانو بڻايو ويو، طالبان کي آمريڪي حملي جي خبر ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو