ايس ايڇ او چوري پيو ڦٻائي، دڪاندارن جو احتجاجي ڌرڻو

ميھڙ(غلام حسين پنھور) ريشم گلي يونين جي اڳواڻ واپاري غلام سرور شيخ جي گهر مان ساڍا چار لک روڪ ۽ 15 تولا سون جي ٿيل چوري واقعي خلاف ريشم گلي يونين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي. سوين شهرين دڪاندارن واپارين ريشم گلي يونين جي صدر محمد علي پنهور غلام سرور شيخ اشفاق جهنڊير ساجد شيخ شهري اتحاد ميهڙ جي صدر عبدالستار چنا نوجوان شهري اتحاد ميهڙ جي آرگنائيزر شڪيل عطار اختر جويو صابر جويو، خالد آگرو صدر شير محمد آڳرو صرافا بازار جي ميسم عباس جويو ڪاشف جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪرائڻ بعد احتجاجي جلوس ڪڍيو ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻوهنيو ۽ ايس ايڇ او منظور مستوئي خلاف نعريبازي ڪئي, هنن الزام هڻندي چيو ته جوابدار کي ثبوتن سميت پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ۽ ايس ايڇ او خود اسان کي چيو ته 4 ڪلاڪن بعد چوري ڪيل رقم ۽ سون مون وٽان کڻي وڃو, هاڻي ايس ايڇ او چوري ڦٻائڻ لاء پنهنجي بدلي ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن چوري واپس نه ٿي ته ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ ٿاڻي اڳيان شاميانا هڻي ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو