ايس ايس پي جي ھدايتن تي ضلعي جون سرحدون سيل

ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ)عيدالفطر جي موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي خاص ھدايتن تي عمل ڪندي ٺٽو پوليس پاران ضلعي ٺٽي جي حدن سان لڳندڙ مختلف ضلعن جي سرحدن کي سيل ڪيو ويو آھي جنھن ۾ مختلف علائقن خاص طور تي ڪراچي نيشنل ھاء وي ڏانھن ٺٽي طرف ايندڙ گھگھر ڦاٽڪ پل  ـ نئي ٻارڻ پل کان ٺٽي طرف ايندڙ نيشنل ھاء وي ۽ سجاول ضلعي کان ٺٽي طرف ايندڙ سجاول پل وٽ ناڪا بندي ڪري ٻين ضلعن کان ٺٽي طرف ايندڙ عوام کي روڪيو پيو وڃي ياد رھي رھي تـ  عيد الفطر جي موڪلن سميت عام موڪلن جي ڏينھن ۾ مختلف ضلعن جا ماڻھو ضلعي ٺٽي جي مختلف تاريخي ۽ تفريحي ماڳن تي گھمڻ اچن ٿا پر ھن ڀيري عيدالفطر جي موڪلن تي ملڪ ۾ ڪرونا وبا جي پکڙجڻ جي ڊپ کان وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت پاران عيدالفطر جي موڪلن دوران وفاقي حڪومت پاران ملڪ سميت صوبن ۾ سخت لاڪ ڊائون لڳائڻ جي اعلان کانپوء سموري سنڌ جيان ضلعي ٺٽي ۾ بـ ايس ايس پي ٺٽو پاران ضلعي ٺٽي سان لڳندڙ مختلف ضلعن جي سرحدن تي پوليس جا وڏا اٽالا بيھاري سرحدن کي سيل ڪيو ويو آھي جڏھن تـ ايندڙ ويندڙ گاڏين کي سخت چيڪنگ کانپوء ڪرونا ايس او پيز خاص طور تي منھن تي ماسڪ لڳرائي ضلعي جي مختلف شھرن طرف ڇڏيو پيو وڃي ضلعي جي عوام پاران ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران کنيل قدمن جي تعريف ڪئي وئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو