پاڪستاني سفير جي واپسي، ايراني سفير ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان بلوچستان ۾ ايراني حملي سبب ايراني سفير کي اسلام آباد واپس طلب ڪري ورتو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ايران طرفان پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.ايران جو عمل گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هي غير قانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ايران جي ڪارروائي جو ڪو به جواز ناهي، پاڪستان ان غير قانوني عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجي جي ذميواري پوري طرح ايران تي هوندي، اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچايو آهي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايراني حڪومت کي پاڪستاني سفير واپس گهرائڻ بابت آگاهه ڪيو آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير، جيڪو هن وقت تهران ۾ آهي، کي ايران مان في الحال واپس نه اچڻ جو چيو ويو آهي.ترجمان چيو ته ايران سان سمورا اعليٰ سطحي دورا معطل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ جاري يا طئي ٿيل دورا به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي… پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا. نتيجي جي ذميواري پوري طرح ايران تي هوندي.پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪستان هميشه چيو آهي ته دهشتگردي خطي جي سمورن ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي، جنهن لاءِ گڏيل ڪارروائي جي ضرورت آهي. اهڙا هڪ طرفي عمل سٺا پاڙيسري لاڳاپن سان مطابقت نه رکندا آهن ۽ ٻه طرفي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿا.پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته اها ڳالهه وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطي جا ڪيترائي چينل هجڻ باوجود هي غير قانوني عمل ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو