ايراني عورتن 40 سالن بعد اسٽيڊيم ۾ فٽبال ميچ ڏٺي

تهران (ڊيسڪ نيوز) ايراني عورتن چئن ڏهاڪن بعد تهران جي فٽبال اسٽيڊيم ۾ وڃي مردن جي هڪ فٽبال ميچ ڏٺي آهي. عورتن کي فٽبال ميچ ڏسڻ جي اجازت ايراني حڪومت پاران ڏني وئي. 1979 ۾ اسلامي انقلاب اچڻ بعد عورتن جي اسٽيڊيم ۾ وڃي مردن جي راندين جا ميچ ڏسڻ تي پابندي لڳائي وئي. ايران ۾ فٽبال جي راند سان سلهاڙيل صنفي فرق جو معاملو ان وقت عالمي سطح تي اڀري آيو جڏهن سحر خداياري نالي ڇوڪريءَ هڪ عدالت ٻاهران پاڻ کي باهه ڏني هئي. جتي هن مٿان مرداڻو ويس ڪري مردن جي فٽبال ميچ ڏسڻ بابت ڪيس هلي رهيو هو. باهه ڏيڻ واري وقعي کان هڪ هفتو سحر خدايار فوت ٿي وئي. انهيءَ واقعي بعد ايراني حڪومت ۽ قانونن تي سڄي دنيا ۾ سخت تنقيد ٿي. جڏهن ته ايراني حڪومت پاران عورتن کي ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي کي انساني حقن جي عالمي تتنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل ”سستي شهرت“ حاصل ڪرڻ واري ڪوشش قرار ڏنو آهي. خميس ڏينهن ايران ۽ ڪمبوڊيا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل فٽبال ميچ کي ڏسڻ لاءِ 03 هزار عورتن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون.

اسٽيڊيم پهتل عورتون (تصوير بي بي سيءَ جي ٿورن سان)

 جڏهن ته اسٽيڊيم ۾ 78 هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو