اوبر ڪمپني پاران 8 سيڪڙو عملو فارغ ڪرڻ جو اعلان

فرانس (ڊيسڪ نيوز) دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سفري سهولتون مهيا ڪندڙ اوبر ڪمپني پنهنجي سروس کي فائديمند ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف مصنوعات ۽ انجنيئرنگ شعبي سان واسطو رکندڙ پنهنجي 8 فيصد عملي کي فارغ ڪري رهي آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ مطابق فرانسڪو سان تعلق رکندڙ ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تيزي سان ترقي ڪندڙ اوبر ڪمپني جي ملازمن جي تعداد 27 هزار کان مٿي آهي ۽ هاڻي ڪارڪردگي جي بنياد تي ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. اوبر ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان ٻيهر ٽريڪ تي واپس اچڻ لاءِ ڪجهه تبديليون ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ عملي جي تعداد گهٽائڻ شامل آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان کي اميد آهي ته اهي تبديليون اسان جي روزاني بنياد تي ٿيندڙ ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائينديون ۽ اعليٰ معيار جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهنداسين. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اوبر ٽيڪسي سروس بهترين ٽيڪنيڪي قابليت وارن ماڻهن کي ملازمت ڏيندي رهندي پر ان ۾ خصوصي طور اعليٰ ڪارڪردگي ڏيندڙ کي نظر ۾ رکيو ويندو. واضح رهي ته ان کان اڳ جولاءِ جي مهيني ۾ اوبر ڪمپني ڪم جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ مارڪيٽنگ ٽيم جي 400 ملازمن سميت 1200 ڪارڪنن کي فارغ ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو