لطيف راولاڻي
سنڌ سماجي سٿ طرفان ملير جي عوامي پريس ڪلب ۾ انڊيجنس تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر ابوبڪر بلوچ مھمان خصوصي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ قادربخش ڪلمتي انڊيجنس رائٽ الائنس جي چيئرمن سيد خداڏڻوشاه سنڌ سماجي سٿ جو مرڪزي چيئرمن واحدبخش ناريجو ايڊوڪيٽ ھئا ۔ھن تعليمي ڪانفرنس ۾ پئنل گفتگو جو آغاز ڪيو ويو جنھن جي ماڊيٽرنگ غلام ني مگسي ڪئي ۔ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر ابوبڪر بلوچ چيو ته ملير ۾ تعليم جو وڏو فقدان آھي اسڪول آھن ته ٻار ڪونه آھن اسان جو طرز تعليم به درست ڪونھي حڪومت انھي ڏس ۾ ڪوبه ڌيان ڪونه ٿي ڏي صرف نصابي تعليم تي زور آھي ان کان علاوه شعوري ٿعليم تي ڪي به اپاء ڪونه ٿا ورتا وڃن ۔شھري ۽ ٻھراڙي جي طرز تعليم ۾ فرق آھي جيڪي سھولتون شھري علائقن ۾ آھن اھي ٻھراڙي ۾ ڪونه آھن ۔انڊيجنس رائٽ الائنس جي سيد خداڏنوشاه چيو ته ملير ۾ سرڪار ۽ ان جي ڇاڙتن مقامي ماڻھن کان سندن ابن ڏاڏن کان مليل زمينون کسي اتي پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل ٺاھي انھن جو معاوضو اڄ ڏينھن تائين نه مليو آھي ڌرتي ڌڻين زمين وڪرونه ڪئي آھي جنھن جو وڏو مثال بحريا ٽاون آھي جتي به زوري زمين کڻي اتي بحريا ٽاون ٺاھي مقامي ماڻھن کي پنھنجي زمين تان بيدخل ڪيو ويو آھي جيڪا سنڌي قوم جي وجود جي خلاف ھڪ وڏي سازش آھي ھاڻي وري سيٽ لائيٽ ٽاون جي اسڪيم شروع ڪري باقي بچيل زمين تي به والار جاري آھي اسان ته تعليم کي ھٿيار طور استعمال ڪيو آھي ان لاء باقاعده مزاحمت نه ڪئي آھي اسان بنيادي تعليم جي گھر ڪريون ٿا ته تعليم کي عام ڪيو وڃي ۔مسلم ليگ ن جي اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي چيو ته ملير ۾ تعليم موجود آھي ڏاھا ماڻھو دانشور به آھن پر ملير کي بنيادي سھولتون نه ڏنيون ويون آھن ۔ھتي ڪابه ٿرقياتي رٿا منظور نه ٿي آھي ۽ نه ڪي بنيادي سھولتون ڏنيون ويون آھن ۔سماجي اڳواڻ لال محمد پنھور چيو ته ملير ۾ پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي ڪونه ٿي پڙھائي وڃي اھي صرف ڪمائي جا ادارا ھن جن اسان جي بنيادي تعليم کي تباه ڪيو آھي انھي ڏس ۾ ڪي به سھولتون ڪونه آھن تعليمي سڌارا ڪٿي به نظر ڪونه ٿا اچن ۔طبقاتي طرز تعليم جاري آھي .جنھن سان تعليم جي تباھي آئي آھي ۔پئنل گفتگو کان پوء ملير جي سياسي سماجي اڳواڻن به انھي ڏس ۾ پنھنجا خيال پيش ڪيا جنھن ۾ ڪرن جي اڳواڻ امير بخش خاصخيلي ۽ سليم جي ميمڻ ۔فشرفوڪ جي اڳواڻ ايوب شان خاصخيلي ۔انڊس ڊيلٽا فورم جي اڳواڻ شفيع مرگھر ۔جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ امداد چاچڙ ايڊوڪيٽ ۔جماعت اسلامي ملير جي امير ايوب خاصخيلي ۔پاڪ مھراڻ جي اڳواڻ يوسف ڪڇي سگا ملير نظير ميمڻ عوامي پريس ڪلب جي سرواڻ سامي ميمڻ ۔استاد تنظيم جي اڳواڻ اطھر وڳڻ ۔ڪراچي يونيورسٽي جي شاگرد صبغت الله خاصخيلي کان علاوه ٻين پڻ انھي تعليمي ڪانفرنس ۾ حصو ورتو ۽ پنھنجا خيال پيش ڪيا ۔ھن پروگرام جي سربراه واحدبخش ناريجو ايڊوڪيٽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ کي پنھنجي نقط نظر کان آگاه ڪيو ۽ سنڌ سماجي سٿ جا اصول مقصد بيان ڪيا ۔پروگرام جي ڪاروائي ممتاز ناريجو ايڊوجيٽ ھلائي آجيان جي تقرير لاء لطيف راولاڻي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا جيڪي پري پري کان ڪھي ڪري ھن پروگرام ۾ پھتا ۽ تعليمي ڪانفرنس کي ڪامياب ڪيائون ۔سنڌ سماجي سٿ جو مختصر تعارف منير ٻانڀڻ ايڊوڪيٽ پيش ڪيو ۔آخر ۾ پروگرام جي ماڊيٽر سنڌ سماجي سٿ جي وائس چيئرمن غلام نڀي مگسي چيو ته ھي انڊيجنس ڌرتي ڌڻين جو تعليمي سيمينار ھو جنھن جي تمام گھڻي گھرج ھئي ته اھڙا تعليمي پروگرام ملير جي پريس ڪلبن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيا وڃن اسان جو مقصد صرف تعليم کي عام ڪرڻ ۽ شعوري تعليم ڏيڻ آھي جيستائين اسان شعوري تعليم حاصل نه ڪداسين ته اسان جو اڳتي وڌڻ بنا مقصد جي ھوندو ۔باني اڳواڻ سنڌ سماجي سٿ جي شمس جويو پنھنجن خيالن جو اظھار ڪدي چيو ته اھڙا تعليمي سيمينار ملير جي ٻين تعلقن ۾ پڻ ڪيا ويندا جن ۾ گڏاپ ۔بن قاسم پپري منگھوپير ۽ ڪياماڙي جا علائقا آھن جن ۾ به سنڌ سماجي سٿ اھڙا پروگرام منقعد ڪندي ۽ شعوري تعليم کي عام ڪندي ۔آخر ۾ ٺھراء پاس ڪيا ويا ته پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائي وڃي ۔پرائيوٽ اسڪولن ۾ فيس تي ڏنل رعايت تي عمل درآمد ڪيو وڃي ۔ملير جي زمينن تي قبضا ختم ڪيا وڃن ملير ايڪسپريس وي جي متاثرين کي گھربل معاوضو ڏنو وڃي ۔ڳوٺن کي ليز ڪري پڪو ڪيو وڃي ۔تعليم کي آسان ۽ سستو ڪيو وڃي جئين غريب جا ٻار اعلى تعليم حاصل ڪري سگھن ۔ملير ۾ شعوري تعليم لاء لائبريرين جو ڄار وڇايو وڃي ضلع ڪاونسل طرفان قائم ٿيل بند پيل لائبريرين کي کوليو وڃي ۽ انھن جي بلڊنگ تان قبضا ختم ڪرايا وڃن ۔ملير جي تاريخي ماڳ مڪانن جو تحفظ ڪيو وڃي ۔ملير سنڌ ۽ مھراڻ جون ڪئمپس قائم ڪيون وڃن ۔ڪراچي يونيرسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان حملا بند ڪري کين تعليم حاصل ڪرڻ جو بنيادي حق ڏنو وڃي حملي ۾ ملوث شاگردن جي خلاف ائڪشن کنيو وڃي ۔










