انڊس هاءِ وي تي ويگن ڪلٽي 3 فوت 11 ڄڻا زخمي

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) لڪي شاه صدر ويجهو تيز رفتاري سبب وين ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت 11 زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ميرڻ خان خاصخيلي انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ وين تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ سبب وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو ڳڙھي خدا بخش جو رهواسي علي  حسن چوهاڻ ۽  وين ڊرائيور 40 ورهين جو فتح محمد جمالي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته عورتن ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مسمات آمنا آرائين ڪلينر محمد حسن سولنگي محمد رمضان چانڊيو ناهيده چانڊيو مبارڪ آرائين علي گل حسنين فيض محمد راجن ڪوري ۽ ٻيا شامل آھن  فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو جتي مظفر ڳڙھ جي رهواسڻ آمنا آرائين زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي جنهن سان حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو لاشن جي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمن مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هوڏانهن حد جي ٿيٻاٽ پوليس دير سان پهچڻ سبب ڪجهه زخمين کيسا ڪٽجڻ ۽ پئسا نڪرڻ جي شڪايت پڻ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو