انڊس هاءِ وي تي حادثو، هڪ فوت، ڊرائيور گرفتار

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) انڊس ھاءِ وي تي مکواني لاڙو ڀرسان تيز رفتار ڪوچ جو سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورھين جو نوجوان ۽ مڇي جو واپاري ديدار عرف ملان مور ميراڻي موٽر سائيڪل سميت سنڌ ڍورو شاخ  ۾ ڪري پيو. سندس دانھن تي ڀرسان قائم مکواني پوليس پڪٽ جي اھلڪارن کيس شاخ مان ڪڍي موبائيل ۾ کڻائي غوثپور جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جٿي ڊاڪٽرن سندس حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي سول اسپتال موڪليو پر ھو  رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ھوڏانھن پوليس ڪوچ جو پيڇو ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪوچ پنھنجي قبضي ۾ ورتي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو