انٽر ڊسٽرڪٽ هاڪي ٽورنامنٽ، انعام تقسيم

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) سنڌ هاڪي ايسوسيئيشن پاران سنڌ انڊر 25 انٽر ڊسٽرڪٽ ھاڪي چيمپيئن 2020 دادو ۾ ٽئين ڏينهن به هاڪي جي راند جاري رهي،استاد  بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انٽرنيشنل ھاڪي گرائونڊ  دادو تي ٽنهي مرحلن ۾ 4 ضلعن جون ٽيمون کيڏيون. پھرئين ڏينهن نوشھرو ۽ دادو جو مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ دادو 4 گول تان ڪاميابي ماڻي ٻئين ڏينهن شھيد بينظيرآباد ۽ لاڙڪاڻو وچ ۾ هاڪي جو مقابلو ٿيو جنھن ۾ 3 گول تان لاڙڪاڻو ڪاميابي ماڻي جڏھن ته اڄ ٽئين ڏينھن ٻئي کٽيل ٽيمون لاڙڪاڻو ۽ دادو جي وچ ۾ مقابلو ٿي گذريو جنهن ۾ 3 گول تان لاڙڪاڻو ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ان موقعي تي فائنل مئچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊگري ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور عباسي ۽ پروفيسر عرفان ڪلھوڙو چيو ته استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو صحت مند پاڪستان جي عنوان ھيٺ پاڪستان جي قومي راند ھاڪي جي پذيرائي لاءِ سنڌ سطح تي مختلف ضلعن جي وچم ۾ ھاڪي جي رٿيل ٽورنامينٽ ۾ ميزباني جا فرض ادا ڪيا، ھن ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪرڻ جو مقصد دادو ضلعي اندر قومي راند کي فروغ ڏيڻ نوان رانديگر پيدا ڪرڻ ۽ ست مھينن جي ڊگھي لاڪ ڊائون کان پوءِ شاگردن کي ميدان ۾ لاھڻ انھن کي چست ڪرڻ ۽ دادو جي عوام لاءِ تفريح مھيا ڪرڻ ھئي، هاڪي ايسو سيئيشن جي اڳواڻن محمد رمضان جمالي، عبدالرسول جانوري، حسن رشيد آرائين، زاهد گاڏهي ،زوهيب جانوري،۽ ٻين چيو ته ھاڪي جي راند سان فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ بروقت ڪاروائي ڪرڻ سان نوجوانن ۾ اعتماد پيدا ٿئي ٿو،  اسان کي اميد آ ته سنڌ حڪومت ھاڪي کيڏندڙ رانديگرن جي پذيرائي ڪندي ۽ انهن کي وڌيڪ راندين جا موقعا فراهم ڪندي، آخر ۾ فائنل کٽيندڙ ۽ ھارائندڙ ٽيمن کي ٽرافيز ۽ رانديگرن کي انعام ڏنا ويا، جڏهن ته گرائونڊ جي بھتر خدمت ڪرڻ ۽ رانديگرن کي بھتر سهولتون ڏيڻ تي عبدالحميد سولنگي ۽ منظور چانڊيو کي اعزازي ميڊل پڻ ڏنوويو.

پهنجو تبصرو موڪليو