ممبئي)ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتابهه بچن شاهه رخ خان جي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، ثابت قدمي ۽ مسلسل اڳتي وڌڻ واري جذبي جي واکاڻ ڪئي آهي.
ٻنهي سپر اسٽارن بابت اها گفتگو مشهور ڀارتي پروگرام ’ڪون بنيگا ڪروڙ پتي سيزن 18‘ جي تازي قسط ۾ اداڪار راج ڪمار رائو سان ڳالهه ٻولهه دوران ٿي.
پروگرام دوران راج ڪمار رائو شاهه رخ خان بابت پنهنجي شروعاتي ڏينهن جون يادون شيئر ڪندي ٻڌايو ته بالي ووڊ ۾ اچڻ کان اڳ ئي هو شاهه رخ خان جي سفر ۽ شخصيت کان متاثر هو. دهلي سان تعلق رکندڙ راج ڪمار رائو چيو ته هن ننڍي عمر ۾ ئي اداڪاري کي پنهنجو پيشو بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
هن ٻڌايو ته سندس گهر ۾ فلمن ۽ اداڪارن بابت ماحول موجود هو ۽ سندس والده جي ڪمري ۾ اميتابهه بچن جو پوسٽر لڳل هوندو هو. راج ڪمار رائو موجب هو ڊگهي عرصي تائين اميتابهه بچن کي پنهنجو مثالي اداڪار سمجهندو رهيو، پر اداڪاري جي دنيا ۾ اچڻ جو فيصلو ڪرڻ وقت شاهه رخ خان جي جدوجهد ۽ ڪاميابي پڻ کيس خاص طور متاثر ڪيو.
راج ڪمار رائو ٻڌايو ته ممبئي ۾ شروعاتي سالن دوران کيس اها ڳالهه متاثر ڪندي هئي ته دهلي جي وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هڪ شخص ٿيٽر ۽ ٽيليويزن ذريعي بالي ووڊ تائين پهتو ۽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
هن چيو ته شاهه رخ خان جي ڪاميابي کيس اهو يقين ڏياريو ته محدود وسيلن ۽ مختلف ڏکيائين باوجود خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
’منت‘ ٻاهران بيهڻ جو ذڪر
راج ڪمار رائو شاهه رخ خان سان لاڳاپيل هڪ دلچسپ ياد به ٻڌائيندي چيو ته ممبئي ۾ شروعاتي ڏينهن دوران هو شاهه رخ خان کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ان ئي جذبي تحت اڪثر سندس گهر ’منت‘ ٻاهران وڃي بيهندو هو.
هن شاهه رخ خان جي فلمي سفر جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس لاءِ اها ڳالهه خاص اهميت رکي ٿي ته هڪ شخص دهلي کان سفر شروع ڪيو، ٿيٽر ۽ ٽيليويزن ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي مضبوط جاءِ ٺاهي.
ڏکئي وقت ۾ حوصلو وڌائيندو آهي: اميتابهه
راج ڪمار رائو جي ڳالهين کانپوءِ اميتابهه بچن پڻ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي تجربي جو ذڪر ڪيو ۽ سندس شخصيت جي هڪ نمايان خوبي اجاگر ڪئي.
اميتابهه بچن موجب شاهه رخ خان انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي ڪنهن به ڏکي صورتحال ۾ آسانيءَ سان هار نٿا مڃين. هن شاهه رخ خان جي ثابت قدمي ۽ مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ واري انداز جي واکاڻ ڪئي.
هن چيو ته شاهه رخ خان جي هڪ نمايان خوبي اها به آهي ته هو پنهنجي آس پاس موجود ماڻهن جو حوصلو وڌائيندو آهي ۽ ڏکئي وقت ۾ سندن اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
اميتابهه بچن موجب مسئلو ڪنهن به نوعيت جو هجي، شاهه رخ خان سامهون واري شخص سان ڳالهائيندو ۽ کيس حوصلو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
پروگرام دوران راج ڪمار رائو جون شاهه رخ خان بابت شروعاتي يادون ۽ اميتابهه بچن جا ذاتي تجربا هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا، جنهن سان شاهه رخ خان جي جدوجهد، ثابت قدمي ۽ ساٿي فنڪارن تي سندس اثرن جا مختلف پهلو سامهون آيا.










