اليڪٽرڪ ڪار جي بيٽري 72 سيڪنڊن ۾ چارج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائنس جي دنيا م روز نيون ايجادون ٿي رهيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ اهم خبر اها سامهون آئي آهي ته هڪ نئين ٽيڪنالاجي ذريعي برقي گاڏي (EV) جي بيٽرين کي 72 سيڪنڊن ۾ چارج ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو آهي. اهو هڪ هائبرڊ سسٽم آهي جيڪو روايتي بيٽرين ۽ الٽرا ڪيپسٽرز کي استعمال ڪري هي ٽيڪناولوجي تيار ڪئي آهي. هي سسٽم روايتي طور تي EVs ۾ استعمال ٿيندڙ ليٿيم-آئن بيٽرين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي عمر پڻ بيٽري کي فراهم ڪري ٿو. هن ’اِي ٽيڪنالوجي‘ جا ڪيترائي ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان ثابت ٿيو ته هي ٽيڪنالوجي هڪ پروٽوٽائپ صرف 72 سيڪنڊن ۾ 80 سيڪڙو، 120 سيڪنڊن ۾ 98 سيڪڙو، ۽ 100 سيڪڙو 2.5 منٽن ۾ 900 A/360 kW تائين ري چارج ڪرڻ جي قابل هو. اها ٽيڪنالوجي سوئيٽزر لينڊ جي مورينڊ نالي ڪمپني تيار ڪئي آهي. بينوئلٽ مورينڊ ڪار ريسنگ ڊرائيور هو ۽ ڪافي وقت کان ان تي تجربا ڪري رهيو هو. مورينڊ جو چوڻ آهي ته منهنجو مقصد ريسنگ گاڏين لاءِ هي تيار ڪرن هو پر هن کي شهرن اندر ٿوري فاصلي وارين گاڏين لاءِ به آساني سان استعمال ڪري سگهبو. وڌيڪ تفصيلن لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو