الزام تراشي ۽ ڏوهه جو فرق سمجهو! حسين سارنگ

الزام ۽ ڏوھ ۾ رات ڏينھن جو فرق آھي. مھذب قومن ۾ الزام ثابت ٿيڻ کان پوء ملزم کي عدالتي تحويل ۾ ورتو ويندو آھي ـ اسان وٽ سنڌ الزام لڳڻ شرط ملزم کي ڏوھاريء کان بدتر سمجھيو ويندو آھي ـ اسان کي سمجھڻو آھي ته الزام ۽ ڏوھ ۾ ڪھڙو فرق آھي؟  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ”جامع سنڌي لغات“ مطابق؛

الزام =اِلزامُ جمع اِلزامَ

ذ. [ع. اَلزم< اِلزامُ = ڪا ڳالهه ڪنهن تي مڙهڻ، مجبورُ ڪرڻ] تُهمَت ، بُهتانُ.

جرم  =جُرمُ جمع جَرائم

ذ. [ع. جَرَمَ = قصور ڪرڻ] ڏوهه ، گناهه ، قصور ، خطا ، تقصير ، پاپ ، قانون جي خلاف ڪم ، سزا جي لائق ڪم.

ھاڻي ڏسون ته انگريزي ٻوليء ۾ الزام ۽ جرم لفظن جون معنائون ڪھڙيون آھن؟

انگريزي ٻوليء ۾ الزام لفظ جو عام طور مطلب بليم blame ورتو ويندو آھي. ان کي قانون جي ٻوليء ۾ اڪيوزيشن accusation چئجي ٿو. ١٨٨٨ع کان وري وري ڇپجندڙ انگريزي لغت ميريم ويبسٽر  Merriam Webster  ۾ ھنن لفظن جون ھيٺيون معنائون ڄاڻايل آھن؛

بليم (الزام) مان مراد ڪنھن خراب ٿي ويل ڪم جي ذميواري  ڪنھن فرد يا شيء کي قرار ڏيڻ آھي. انگريزيء ۾ ھن لفظ جو استعمال تيرھين صديء کان ٿيندو پيو اچي۔  انگريزي لفظ اڪيوزيشن accusation جو مفھوم آھي اھڙي دعويٰ جيڪا ڪنھن جي غير قانوني يا غلط ھجڻ بابت ڪئي وئي ھجي يا اھڙو عمل جيڪو ڪنھن بـ غلطي يا ڏوھ طور ڪيو ھجي. ان کي ڏوھ ثابت ڪرڻ لاء ثبوت ضروري آھن. اڪيوزيشن Accusation  لفظ انگريزيء ۾ چوڏھين صدي عيسويء ۾ ڪتب اچڻ لڳو. ڏوھ يا جرم کي انگريزيء ۾ ڪرائيم  Crime چئجي ٿو. ان جو مطلب آھي سزا لائق غير قانوني عمل جنھن جي ٿيڻ سان ڪنھن کي بـ سزا ملي سگھي. بيوقوفاڻو عمل پڻ ڏوھ سڏجي ٿو. ڪرائيم لفظ انگريزيء ۾ چوڏھين صدي عيسويء کان موجود آھي.

 اهو عالمي طور مڃيل اصول آھي تـ  بغير ڪنھن ثبوت ۽ شاھديء Proof & Evidence جي ڪنھن تي بـ ڪو بـ الزام ھڻن الزام تراشي چئجي ٿو. الزام تراشي ثابت ٿيڻ يا نـ ٿيڻ کان پوء ذاتي سان گڏ سماجي ۽ قومي ڏوھ سمجھيو ويندو  آھي. الزام ثابت ٿيو تـ ڏوھ، پر اگر ثابت نـ ٿيو تـ الزام تراشي ٿيندي. اجايو الزام ذاتي اناد سان گڏ انتھاپسندي ۽ دھشت گردي پڻ آھي. الزام تراشي ثابت ٿيڻ بنا ملزم کي ذات پات , رنگ, نسل, فرقي, مذھب يا سياسي نظرئي جي بنياد تي يا سندس قبيلي, فرقي، مذھب يا سياسي نظرئي وارن لاء خوف ۽ ھراس وارو ماحول پيد ڪرڻ يا کين نقصان پھچائڻ  دھشت گردي آھي. عقيدي پرستيء کي سياسي طور ڪم ڪم آڻڻ يا سياست کي عقيدي طور ڪم آڻڻ غلط آھي. سياست سائنس آھي عقيدو ناھي. سياست ۾ عقيدي پرستي جائز ئي ناھي. عقيدو مذھب ۽ سياست عقل آھي. سياست ۾ وري ڪنھن بـ قسم جي شخصيت پرستي جاگيرداراڻي ذھنيت جي پيداوار آھي ۔

 عقيدي, فرقي يا مذھب جي بنياد تي اجائي الزام تراشي رياستي سرپرستيء ۾ عقيدي پرستن جي سگھ وڌائڻ واري مھم جو حصو آھي. سياست ۾ عقيدي پرستي جائز ئي ناھي. عقيدو مذھب ۽ سياست سائنس آھي. شخصيت پرستي جاگيرداراڻي ذھنيت جي پيداوار آھي. ڪنھن تي بـ اجائي الزام تراشي ذاتي ۽ سماجي ڏوھ آھي. ڇو تـ ان سان سماج ۾ انتشار, ڏڦيڙ ۽ فساد ڦھلجي ٿو. الزام تراشيء جي آڙ ۾ پندرھين سيپٽمبر ٢٠١٩ع تي گھوٽڪيء ۾ اسڪول، مندر ۽ گھرن تي ھٿياربندن جا حملا کليل دھشت گردي آھي. اهڙن واقعن کي روڪڻ جي پسمنظر ۾ ئي اسان جو اصرار رهي ٿو ته ڏوھاري ۽ ملزم جي فرق کي سمجھڻ انتھائي ضروري آھي. تڏھن ئي اسانجو اھڙن المناڪ واقعن کا بچي سگھجي ٿو ـ

اِ

 ا

پهنجو تبصرو موڪليو