اسپتال ۾ هڙتال، ايم ايس تي ڪرپشن جو الزام، مريض پريشان

پنوعاقل (سنتوش ڪمار) تعلقا اسپتال جي بجلي بند هئڻ ڪري پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن  شوڪت ملاڻو، جاويد ڀٽو، نثار منگي، مير حسن چاچڙ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ايم ايس تعلقہ اسپتال پنوعاقل تي سنگين الزام هڻندي چيو آهي ته ايم ايس تعلقہ اسپتال ڊاڪٽرن کان رشوت وٺي ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي ڪرڻ کان آجو ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته اسپتال جي مشينري جڏهن کان آيل آهي تنهن ڏينهن کان غيرفعال بڻيل آهي، جنريٽر جي سالاني بجيٽ 70 لک رپيا آهي مگر ايم ايس جنريٽر هلائڻ بدران انهن پئسن ۾ پڻ ڪرپشن ڪري رهيو آهي. پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسٽاف کي بجلي ڏني وڃي ۽ ڪرپٽ ايم ايس تعلقہ اسپتال پنوعاقل اسماعيل عباسي کي هٽائي ايماندار ايم ايس مقرر ڪيو وڃي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ٻن ڪلاڪن تائين ڪم ڇڏي هڙتال ڪئي وئي، پيراميديڪل اسٽاف جي هڙتال کانپوءِ ڊاڪٽر به پنهنجي پنهنجي چيمبرن مان ٻاهر نڪري ويهي رهيا، علاج لاءِ آيل مريض رلي ويا سڄي اسپتال جا چڪر ڪاٽي ڦرندا رهيا، جڏهن ته ايمرجنسي ۾ آيل مريض بجلي نه هئڻ ڪري مريضن کي هٿ سان پکو هڻندا رهيا، جڏهن ته ٻي پاسي ايم ايس تعلقه اسپتال پنوعاقل اسماعيل عباسي اِن دوران اسپتال مان غائب رهيو ۽ ٻن ڪلاڪن بعد اسپتال پهتو ۽ سندس چوڻ آهي ته بجلي واپڊا پاران اڄ بند ڪئي وئي باقي جنريٽر چالو آهي مختلف وارڊن ۾ هلي رهيو آهي، مون ڪا به ڪرپشن نه ڪئي آهي الزام بي بنياد آهن مان ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ اچڻ وارن ۾ ناهيان.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو