اسپتال جي بحالي لاءِ شهرين جو ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (ظهير وسير) اسپتال جي بحالي لاءِ شھرين جروار کان ريلي ڪڍي ميرپور ماٿيلو پهچي ڊي سي آفيس  آڏو ڌرڻو هنيو. اسپتال بحالي ڪاميٽي جي سڏ تي لڳل ڌرڻي ۾ شامل ماڻھن هڪ ڪلاڪ تائين ڊي سي گهوٽڪي جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويٺا رهيا. هوڏانهن ڊي سي گهوٽڪي آفيس ۾ نه هجڻ سبب ٻيو ڪو به نمائندو نمائندو مظاهرين سان ڳالهين لاءِ نه آيو. اسپتالي بحالي ڪاميٽي اڳواڻن عاجز گبول، علي نواز جلباڻي، غلام حيدر بوزدار، خليل گبول غلام بوزدار، فراز لنڊ ۽ ٻين اسپتال جي بحالي لاءِ احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي سي گهوٽڪي چيو ته اسپتال جي بحالي لاءِ صحت کاتي کي لکيو آھي اسپتال جي بحالي جلد عمل ۾ اچي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو