ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جاري آهي ۽ جمعي تي 100 انڊيڪس نئين تاريخي حد 90 هزار پوائنٽس ڪراس ڪري ورتي. انٽرا ڊي ۾1141.43 پوائنٽس جو واڌارو ٿيو جيڪو 1.25 سيڪڙو بڻجي ٿو. وڏين ڪمپنين جي شيئرز ۾ پرافٽ ٽيڪنگ جاري آهي. استاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل 18 مهينن ۾ اها تمام وڏي تيزي ڏٺي وئي آهي. جنهن جو مک سبب 4 نومبر تي رٿيل مانيٽري ڪميٽي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح ۾ ممڪنه گهٽتائي ٻڌائي پئي وڃي.










