طفيل مگسي
مذھب اسلام جنهن سمورن انسانن کي احسن زندگي گهارڻ جو بهترين طريقو سيکاريو آھي.جيڪو فطرت ۽ انسانيت جو حقيقي دين آھي.هن جون سموريون ڪاوشون انساني فطرت جي بلڪل مطابق آھن.اسلام جنهن کي دنيا جي سمورن مذھبن ۾ هڪ امتيازي(اهي حق جيڪي ڪنهن خاص شخص يا جماعت کي حاصل هجن)حيثيت و مقام حاصل آھي ته هن کانسواء دنيا جا ٻيا مذھب ۽ تهذيبون اهڙو حياتي جو ضابطو پيش ڪرڻ کان لاچار آھن.جنهن ۾ انسان جي انفرادي زندگي کان وٺي ڪري سموري انساني معاشري جوسڌارو(اخلاق وخيالن جون برايون ڏور ڪرڻ يا درست رستي تي وجهڻ)جي ضمانت ڏني وئي هجي.اسلام معاشري ۾ سڌاري جا جيڪي طريقا ٻڌايا آھن اهي نه فقط اولهائين تهذيب ۾ آھن ۽ نه ئي ڪن ٻين تهذيبن ۾ آھن.
اسلام.فطرت جو دين معاشري ۾ (گڏجي سڏجي گذارڻ)گڏيل زندگي گذارڻ جو ڍنگ.سمورن انسانن جو احترام سيکاريو ۽ ٻڌايو.اسلام.والدين جا حق .وڏن جو ادب واحترام.ننڍڙن کي شفقت و محبت .مٽن مائٽن سان سهڻو سلوڪ ۽ پاڙيسرين سان سٺو ورتاء.هر فرد سان بنا ڪنهن فرق.رنگ ونسل.سلوڪ ۽ حسين معاشري جي تعليم ڏيئي ٿو.ليڪن افسوس هن ڳالھ جو آھي ته اڄ اسلام جا مڃڻ وارا اسلامي تعليمات کان ڪوهين ڏور آھن.ان کان به وڌيڪ حيرت ته هن ڳالھ جي آھي ته جيڪي ماڻھو دين جي سمجه و سوچ رکن ٿا.اهي به اسلامي قدرن کان نهايت ڏور ٿيندا پيا وڃن.
عزت واحترام.جا قدر بدلجي ويا.
اسلام.جيڪو عزت ۽ وقار جو طريقو ٻڌايو آھي.اڄ اڪثر ماڻھو ان مقدس دين جي خلاف ورزي ڪري رهيا آھن.اڄ دنيا ۾ جيڪو وڏي مقام تي آھي يا وڏي منصب وارو آھي.ان جي بلڪل ساڳئي عزت واحترام آھي.جيڪا اسلام.کان اڳ جي جاهليت واري دور ۾ ھوندي هئي.پر جنهن وٽ وٽ پئسا ناهن يعني جيڪو غريب آھي.ان جي لاء ڪنهن جي به دل ۾ عزت واحترام ناهي.بلڪ ان کي ڪيڙي ماڪوڙي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.چاهي ان صف ۾ اسلام جو شعور رکندڙ عالم.دين به ڇو نه هجي.اهو اميرن جي تابعداري ائين ڪري ٿو جيئن اها الله جي اتم.مخلوق هجي.ياد رکو ته ان قسم جو عمل ڪرڻ واري جو تعلق دين محمدي سان قطعي ناهي.ڪنهن ماڻھو سان چاهي اهو سياسي هجي يا ديني هجي ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن ريت مٿي چاڙھي ڇڏين ٿا.جنهن ۾ تعلق کان اڳ سو عيب ڏيک ڏيندا هئا بعد ۾ اهي کيس کي ان ماڻھو ۾ عيب ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن.هن ڳالھ تي به سڀ کان وڏو تعجب ٿيئي ٿو ته جيڪڏھن ان شخص جي غلطي (جيڪولاڳاپي کان اڳ غلطين جو گهر هو)جي نشاندهي ڪري ٿو ته پوء سندس جي لاء غضب ئي غضب.ان کي ٻڌڻ گواره ناهي لڳندو ۽ پوء غضب کان ڊپي ڪري ان جي باري ۾ راء قائم ڪئي ويندي آھي ته اهو معصوم عن الخطاء آھي.ياد رهي ته دنيا ۾ صرف الله جا نبي ۽ رسول معصوم عن الطاء آھن .سمورا نبي ڪريم ڪفر وشر.ٻين وهمن و وسوسن کان پاڪ آھن.“انهن منجهان ڪنهن به هڪ شيء جو منڪر علماء دين الاهي کان خارج آھي.پنهنجن چاهن وارن جي براين جي نشاندهي نه ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهن ٿا.جيئن ته اڄڪلھ جي سياست ۾ آھي.جيڪڏھن اوهان اليڪشن ۾ بيهي رهو .بس پوء ڏسو اوهان ۽ اوهان جون ڪيتريون ئي برايون ڪڍي ڇڏين ٿا ۽ خوب اهو پکيڙن ٿا ته اهو سڀ سياست ۾ ھلندو آھي.“غلط هوغلط آھي“ليڪن افسوس افسوس؛ دين جي ذميوارن ان جو ٻيڙو(ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ذميواري) کڻي رکيو آُهي.سڀئي ته نه ليڪن اڪثريت اهڙن فردن سان ڀري پئي آھي. ڇا اهڙا ماڻھو اسلام جي خوبصورت معاشري ۽ اخلاق جهڙي حسن جي تعليم.کان اڻڄاڻ(اڻواقف.اڻڄاڻ.بي خبر )آھن؟جيڪڏھن پتو آھي ته پوء نفس ۽ شيطان کي پنهنجو هيرو ڇو بڻايون ويٺا آھن.صرف نماز روزي جو نانء دين ته ناهي بلڪ اهو به ته دين آھي ته محبت ڪيو ته سهڻي نموني سان گڏ ۽ دشمني ڪيو ته به سهڻي نموني سان گڏ .الله جا پيارا ٻانها انهيء رستي تي راهي آھن. مرڻ وارن کي برو نه چئو. اسلامي معاشري ۽ حسن سلوڪ ۾َ انسانن جي عزت واحترام جي تمام گهڻي اهميت آھي.زنده انسان سان گڏ حسن سلوڪ جي هدايت ۽ انهن جي برائي يا غيبت ڪرڻ کان منع ڪئي وئي آھي.الله جي ڪلام ۾َ ان جي سخت هدايت ۽ مذمت اچي ٿي. ترجمو.اي ايمان وارو ؛گهڻن گناهن کان بچو.بيشڪ ڪو گمان گناه ٿي وڃي ٿو.۽ عيب نه ڳوليو ۽ ھڪ ٻئي جي غيبت نه ڪيو.ڇا توهان منجهان ڪو پسند ڪندو ته پنهنجي مئل ڀاء جو گوشت کائي ڇڏي ته اهو اوهان کي گواره نه ٿيندو ۽ الله کان ڊڄو.بيشڪ الله ئي تمام.گهڻي توبھ قبول ڪرڻ وارو مهربان آھي“(ڪنز الايمان ).
غيبت جيتوڻيڪ عربي لفظ آھي.ليڪن هر خاص وعام ان جو مفهوم.سمجهندو ۽ روزاني جي ڳالھ ٻولھ ۾َ ان جو استعمال ڪري ٿو.۽ لطف جي ڳاله اها آھي ته ان کي ڪو فرد سٺو نٿو سمجهي.پوء به اڪثر ماڻھو ان موذي ۽ غليظ گناه جا هيراڪ آھن.استغفر الله؛حضرت عمر فاروق رضي الله عنها فرمائين ٿا “اي انسان؛ تون پنهنجي مٿان خدا جي ذڪر کي لازم ڪر ڇوته اها شفا آھي ۽ غيبت کان بچ ڇوته اها بيماري آھي“وري فرمائين ٿا“جيڪو غيبت کان توبھ ڪري مئو اهو سڀ کان اول جنت ۾ ويندو ۽ جيڪو شخص توبھ ڪرڻ کان بنا مئو ته اهو پهرين دوزخ ۾ ويندو“مري ويلن کي بري چوڻ کان منع ڪئي وئي آھي ته زنده جي برائي ڪيئن نيڪ ٿيندي؟حضرت مغيره بن شعبه رضي عنها کان روايت آھي ته حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم فرامايو“جن ماڻھن جي وفات ٿي چڪي آھي.انهن کي برو نه چئو.ان ڪري ته مئلن کي برو چوڻ سان زنده ماڻھن کي تڪليف ٿيندي.(ترمذي) حضرت عائشيه رضي عنها کان روايت آھي ته رسول الله صلي عليه وسلم ارشاد فرمايو“مري ويلن کي برو نه چئو ڇوته هنن(سٺا يا برا) جيڪي عمل اڳتي موڪليا آھن.اهي انهيء(بدلي) تائين پهچي چڪا آھن.(صحيح بخاري 1393).جڏھن مئلن جو ذڪر ڪرڻ منع آھي ته ڇا زنده جو ذڪر ڪرڻ درست آھي؟اڄ اها اسان جي لاء نهايت بهترين سوچ بڻجي وئي آھي.پنهنجي تعريف ڪرڻ.پسند ڪرڻ.چاهي ان جي لاء ٻين جي برائي ئي ڇو نه ڪرڻي پوي.استغفر الله.
انسانيت جي احترام جو بنياد.
جيڪڏھن ڪنهن مسلمان ڀائر جي اندر ڪا ديني برائي آھي ته پيار و محبت سان ان کي ٻڌائڻ گهرجي ته تنهنجي اندر اها خرابي آھي.ان کي ڏور ڪر.نه ته ان جي برائي ڪندو ڪر.ان سان سندس برائي ته دور نه ٿيندي بلڪ اوهان جي رويي سان اهو ۽ ٻيا ماڻھو اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳندا.دين اسلام جيڪي حڪم.اسان تي رکيا آھن.اهي پنجن شعبن سان لاڳاپيل آھن.1.عقيدا.الله رب العزت تي ايمان آڻڻ.ان جي عبادت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ڪرڻ.آخري نبي زمان صلي الله عليه وسلم تي ايمان آڻڻته پاڻ رسول ۽ نبي آھن.2-عبادتون3-مامرا4-معاشرت.5-اخلاقماڻھو عبادت کي ئي دين سمجهن ٿايا ان ڏانهن ڌيان ڏين ٿا.مانرا.معاشرت .اخلاق.ماڻھو عبادت کي ئي دين سمجهن ٿا.يا ان ڏانهن ڌيان ڏين ٿا.مامرا.معاشرت واخلاق تي ڌيان تمام.گهٽ ٿين ٿا.جڏھن ته اهي به دين اسلام جا اهم حصا آھن..ابوبڪر ذڪريا يا يحيي بن شرف تمام.وڏو عالم.آھي.جيڪو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آھي.پاڻ پنهنجن ڪتابن ۾ معاشرت جا الڳ الڳ باب لکيا آھن.پاڻ معاشرت جي پهرين باب ۾ لکي ٿو ته دين اسلام.انهن پنجن شعبن سان مڪمل ٿيئي ٿو.جيڪڏھن انهن منجهان هڪ کي به ڇڏيو وڃي ته پوء دين مڪمل نه ٿيندو.ان ڪري عقيدا به درست هئڻ گهرجن.عبادت به درست ڪرڻ گهرجي.ماڻھن سان ڏي وٺ جا مارا به احسن طريقي سان نڀائڻ گهرجن.حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم اخلاقي قدرن جي پورائي کي ئي بهشت قرار ڏيندي فرمايو“ انما بهشت لاتمم مڪارم الاخلاق “ ۽ زندگي گذارڻ جا طريقا به درست هئڻ گهرجن جنهن کي معاشرت سڏيو وڃي ٿو.“معاشرت“جي اصطلاح بنا دين بيڪار آھي.
حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم اصحابن سڳورن کي خطاب فرائيندي چيو ته “ڇا مان نه ٻڌايان ته جنتي ڪير آھي؟وري فرمايو ته اهو هر شخص جيڪو ڪمزور آھي ۽ ماڻھو به ان کي ڪمزور سمجهن ٿا.يا ته جسماني اعتبار کان ڪمزور هجي يا مالي اختيار کان ڪمزور هجي.يا حيثيت و رتبي جي اعتبار کان.ڪمزور هجي.يا حيثيت ۽ درجي جي اعتبار کان ڪمزور هجي.يعني دنيا وارا ان کي گهٽ حيثيت ۽ رتبي وارو سمجهن ٿا.ليڪن اهو ڪمزور شخص الله وٽ ايترو محبوب آھي ته جيڪڏھن هو الله جو ڪو قسم.کائي ته الله سندس ڳاله کي پورو ڪري ٿو.يعني جيڪڏھن اهو شخص قسم کڻي ته فلاڻو ڪم هن ريت ٿيندو ته الله تعالي اهو ڪم ساڳيئي ريت ڪرائي ڇڏي ٿو.
حديثن جي ڍير منجهان ڪافي حديثون موجود آھن.اسان کي حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جي تعليمات کان سبق وٺڻ گهرجي.
مقتدا ڪي انا.پدرم سلطان بود ڪنا پدرم سلطان بود(منهنجو پيء بادشاه هو)اهڙي موقعي تي ڳالهائي ٿو.جيڪو شخص پاڻ ڪنهن حيثيت جو مالڪ نه هجي.۽ پنهنجي پيء ڏاڏي جي برائي بيان ڪندو رهي ٿو.فارسي جو اهو مشھور جملو انهن سوچڻ وارن جي سوچ جو آئينو آھي.جيڪو پنهنجي ابن ڏاڏن جي عظمت جي خوبصورت خواب ۾ گذاري ڇڏين ٿا.اهڙا ماڻھو ٻين جي برائي کي پنهنجو وترو بڻائي ڇڏين ٿا.۽ سماج ۾ پنهنجي عزت وڃائي ڇڏين ٿا.۽ احڪم الحاڪمين جي بارگاه جا به ڏوهاري ٿي وڃن ٿا.حيرت ته تڏھن ٿيئي ٿي ته وڏن لقبن وارا(پيش امام)به انا جي بيماري ۾ بيمار ڏيک ڏين ٿا.هڪ پيش امام جو ذڪر ڪرڻ ھتي ڙروري سمجهان ٿو.ته هڪ امام ڪنهن مسجد ۾ پيش امامي ڪري رهيو هو.ڪنهن سبب جي ڪري کيس کي پيش امامي کان هٽايو ويو ته مون پڇيومانس ته امام صاحب ساڳئي مسجد ۾ نماز پڙھن نٿا اچو ته وراڻيائين گهر ۾ ئي نماز پڙھان ٿو ۽ جمعي جي نماز فلاڻي مسجد ۾ پڙھڻ ويندو آھيان.مون پڇيومانس ائين ڇو؟چيائين مان ساڳئي مسجد ۾ نماز ڪيئن پڙھڻ وڃان جتي مان پنجن سالن تائين امام (بادشاه هوس) ماڻھو منهنجي پٺيان نماز پڙھندا هئا.هاڻي مان اتي نمازٻيئي امام جي بڻيان پڙھان ؟منهنجو ضمير گواره نٿو ڪري.استغفر الله ؛
اهو حال آھي پنهنجن اڄوڪن عالم صاحبان جو.مون کيس کي سنجيدگي سان سمجهايو ته اوهان ائين نه ڪريو.ان سان اوهان جي عزت اڃا گهٽ ٿي ويندي.محبت واري سوچ اختيار ڪيو.جنهن سان الله ڪندو حالتون تبديل ٿي وينديون
بقول شاعر
وه نيري چهري تڪ اپنين نفرتين تو لايا ٿا
مين ني اس ڪي اور بي بس ڪرديا(وسيم بريلوي).
بهت غرور هي تجهي اپني انا پر
جا هم تجهي جانتي هي نهين
(حبيب جالب)
ڇا اسان جي لاء رب جو فرمان بهترين رستو ناهي.(ترجمو)۽ چڱائي ۽ برائي برابر نٿا ٿي سگهن.برائي کي ڀلائي سان گڏ ڏور ڪيو ته اوهان جي ۽ جنهن شخص جي وچ ۾ دشمني هوندي اهو ان وقت ائين ٿي ويندو ڄڻ ته هو گهرو دوست آھي(القرآن.سويه 41آيت34) حضور اڪرم صمي الله عليه واله وسکم جا اخلاق مبارڪ برائي کي ڀلائي سان ٽاري ڇڏڻ جا تمام.عاليشان مثال موبود آھن.جن تي جيڪڏھن مسلمان سچائي سان عمل ڪن ته ڪڏھن به ڪنهن پريشاني جو منهن نه ڏسي سگهندا.پر افسوس ته اسان عام.ماڻھو کي ته ڇڏيو بلڪ ڪافي اهڙا عالم.دين پڻ آھن جيڪي سڄو ڏينهن يا نفس يانفس جي پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا.
