اسرائيلي جنگ ۽ نئين دور جو هولو ڪاسٽ

طفيل مگسي
هولو ڪاسٽ انسانيت جي لاء ھڪ خوفناڪ ۽ لڳ ڪانڊيڙ خواب آھي.جيڪو اچڻ وارن ڪيترن ئي سالن جي لاء ماڻھن جي ذھن ۾ ھڪ ڪارو باب بڻجي ڪري رهيو.جرمن ذريعن جي مطابق ٻي جنگ عظيم جي دوران اٽڪل5لک يهودين کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڪيترن کي ساڙي خاڪ جي ڍير ۾  تبديل ڪري انهيء خاڪ کي زمين جي لاء ڀاڻ جي طور تي استعال ڪيو ويو هو.جيئن ته اوهان کي پروڙ آھي ته ٻي جنگ عظيم ( Illies) طاقتن جي فتح سان گڏ ختم ٿي.صيهونين( zoeneits ) انگريزن کان اهو وعدي پورو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.جيڪو انگريزن پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ يهودين جي مدد جي بدلي ۾َ ساڻن.سان ڪيو هو.انگريز وعدي جا پڪا هئا يعني هڪ يهودي رياست جو وعدو ۽ پوء ڏسندي ئي ڏسندي هزارين يهودين سان ڀريل جهاز مقدس سرزمين(فلسطين) ۾َ اچي پهتا.فلسطينين بحيثيت انسانيت جي انهن جي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪئي.ليڪن اهي شايد مستقبل جي اڇڻ واري قيامت کان بي خبر هئا(ڇوته اها دنيا جي اهڙي بدنيت ۽ وحشي قوم آھي.جيڪا پنهنجن پيغمبرن ۽ نبين کي به ڪهڻ کان نه مڙي) 10کان 15 سيڪڙو ماڻھن جي وچ ۾َ يهودين جي آبادي 30سيڪڙو تائين وڌي وئي.جنهن جو نالو اسرائيل هو.ليڪن اهو منصوبو عربن جي دلچسپي جي خلاف ثابت ٿيو.عربن ۽ يهودين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي ۽ وڌندي 1948ع ۾َ عرب اسرائيل جنگ جي شڪل اختيار ڪري وئي. اسرائيل هڪ فاتح طاقت جي تحت اڀريو.هزارين فلسطيني اجل جو شڪار ۽ بي گهر پڻ ٿيا.ليڪن اهو ظلم وستم .بيعزتي ۽ امتيازي سلوڪ اچڻ واري باب جو محض هڪ ٽريلر هو.1967ع (ڇهن ڏينهن واري جگ) ۾ اسرائيلين فلسطينين جي سموري زمين تي قبضو ڪري ورتو.فلسطيني رياست جي خواب تي هڪ آخري فل اسٽاپ نشان رهجي ويو.بيشڪ انهن فلسطيني زمين تي قبضو ڪيو.ليڪن هنن فلسطينين کي حقيقي شھري مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.هنن فلسطين کي هڪ کليل جيل بڻائي ڇڏيو.هر فلسطيني علائقي جي ڀرسان فوجي اڏا قائم ڪري ڇڏيائين.فلسطيني سرزمين تي صيهونيت جون وسنديون مسلط ڪيون ويون.خوراڪ کان وٺي ڪري بجلي ۽ بجلي کان وٺي ڪري روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين تائين سڀ ڪجه اسرائيل پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ڇڏيو.فلسطينين کي علائقي تائين محدود ڪيو ويو.اهي ڀڄي به نٿي سگهيا.اجازت کانسواء ڪيڏانهن منتقل به نٿي ٿي سگهيا.مان ان کي نئين دنيا جو هولو ڪاسٽ سڏيان ٿو.جيڪڏھن (هڪ عربي هولو ڪاسٽ) بعد ۾ فلسطين جا ڪيترائي سياسي نمائندا ناڪام رهيا.20صدي جي پڇاڙي ۾ هڪ بنياد پرست اڳواڻ بنجمن نيتن ياهو اسرائيلي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن جي لفلسطين کي فلسطينين جي لاء  جيري جاڳندي دوزخ بڻائي ڇڏيو.ڪوبه انهن سان گڏ ناهي.انهن بيگناهن جي قتل تي عرب ملڪ خاموش تماشائي بڻيل آھن.مغربي منافقت پنهنجي عروج تي آھي.اهي اسرائيل جي انسانيت سوز ظلم کي ڏسڻ جي باوجود انهيء جو ساٿ ڏئي رهيا آھن.اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اسرائيلي فلسطينين سان ساڳيو ئي سلوڪ ڪري رهيا آھن.جيئن هٽلر يهودي اسرائيلن سان ڪيو.اڄ فلسطينين کي خاردار تارن سان چوڌاري قيد ڪيو ويو آھي.انهن جي هرقسم جي چرپر جي نگراني ڪئي پئي وڃي.هڪ عام فلسطين هئڻ جي لاء ھمت جي ضرورت هوندي آھي.ٿورو سوچيو ته اوهان پنهنجن گهرن ۾ سمهي رهيا آھيو يا ستل آھيو ۽ اوچتو رستا بم ڌماڪن سان پڙاڏو ڪري وجهن ۽ اوهان بيدار ٿي ڪري اڻڄاڻ ماڻھن جي قطارن ۾ ڊوڙڻڻ لڳو ۽ پوء به هن خوف سان گڏ ڪٿي ڪو اوچتو بم نه مٿان اچي ڪري.فلسطيني هڪ گهري صدمي کان گذري رهيا آھن.ليڪن اهي اڃا به پنهنجن حقن جي لاء مڙس ماڻھو بڻجي وڙھي رهيا آھن. منهنجي لاء حقيقت ۾ اهي زمين تي رهڻ وارا عظيم انسان آھن.ايتري ڊگهي ڏاڍ ۽ ظلم ۽ انڌير نگري جي باوجود به اسرائيل هينئر تائين ڪامياب نٿي سگهيو آھي.فلسطينين جا ڳاٽ اڃان به شان سان اوچا آھن.۽ اهو اهڙوئي اڪيلو سبب آھي.جيڪو فلسطينين کي اسرائيل کان مٿاهين مقام تي رکي ٿو.مان چڱيء ريت ڄاڻان ٿو ته هينئر آزادي حاصل ڪرڻ نهايت مشڪل ڪم آھي.ليڪن اهي هر قسم جون مصيبتون ۽ ڏاڍ برداشت ڪندا.پر اهي ٽٽڻ يا جهڪڻ وارن منجهان ناهن.ڇوته انهن جي لاء موت ايترو ئي پيارو آھي.جيتري اسان جي لاء زندگي.مون کي يقين آھي ته هڪ ڏينهن اهي ضرور ڪامياب ٿيندا ۽ بيداري جون زنجيرون ٽوڙي سک ۽ شانتي کي پنهنجي ڇاتي سان لائيندا ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو