استاد جي پروموشن تي ساٿين پاران واڌايون ۽ واکاڻ

خانواهڻ(رپوٽ:عاجز امتياز نوح پوٽو) سنڌي ادبي سنگت  سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي خزانچي جبار ملاح جي اسسٽنٽ پروفيسر جي پروموش ٿيڻ جي خوشي ۾ هڪ تقريب گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهرو فيروز ۾  ٿي گذري جنهن جي صدارت ڪاليج جي پرنسيپال پروفيسر افضل احمدميمڻ ڪئي جنهن ۾ شاعر،  اديب ۽ شاھ لطيف جي پارکو جبار ملاح کي پروفيسر افضل احمد ميمڻ، پروفيسر نظام الدين ، پروفيسر عطا محمد ، پروفيسر گلزار احمد  ، پروفيسر چنيسر خان ، پروفيسر جميل احمد ، سيد رياض حسين شاھ ، سيد شهاب الدين شاھ ۽ ٻين  گلن جا هار پارايا ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر رياض حسين شاھ چيو ته استاد  معاشري جو سڌاريندڙ هوندو آهي. استاد جو پيغمبري پيشو آهي عهدو وڌڻ سان ذميواري پڻ وڌي ٿي پرنسيپال پروفيسر افضل احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي خوشي آهي جو اسان جي هڪ استاد کي  پنهنجو حق  مليو آهي جبار ملاح اديب شاعر هجڻ سان گڏوگڏ فرض شناس استاد آهي جيڪو پڙهائيندي فخر محسوس ڪندو آهي سندس قابليت تي فخر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو