استادن سميت مختلف متاثرن جو احتجاج، سولر پليٽون چوري

بلڙي شاه ڪريم/ ستر موري(زولقرنين لنڊ ۽ لال بخش سٺيو) اڄ مختلف مسئلن بابت مختلف ڌرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا. جڏهن ته چورين جو پڻ آزار وڌي ويو آهي.  ڳوٺ خدابخش لنڊ جي رهواسڻ مريم لنڊ پنهنجي مڙس ۽ ٻين رشتيدارن سان گڏ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺ جو هڪ بااثر شخص ڪجھ سال اڳ منهنجي نياڻي کي ورغلائي ان سان ڪورٽ ۾ وڃي شادي ڪئي، منهنجي نياڻي پنهنجي مڙس سان گڏ خوش ڪونهي، ڪجھ مهينا اڳ منهنجي نياڻي تنگ ٿي پنهنجي مڙس کان طلاق ورتي، جنهن جا شاهد ۽ لکت به  موجود آھي، جنهن کان پوء نياڻي اسان وٽ رهڻ لڳي پر مهينو اڳ کيس اڳوڻو مڙس زوري وٺي ويهاري ڇڏيو آهي. منهنجو اڳوڻو ناٺي ڪوڙيون درخواستون ڏئي اسان کي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاء ڪوششون ڪري پيو ۽ ماٺ رهڻ لاء حراسان پيو ڪري. احتجاج ڪندڙ مريم لنڊ، محمدامين، علي اڪبرلنڊ ۽ ٻين ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان کي اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ نياڻي واپس ڪرائي وڃي. *** هڪ ٻيو مظاهرو پڻ ڪيو ويو جنهن ۾ ڳوٺ جاڙاواھ جي رهواسين الهڏنو لاشاري، عبدالله لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته اسانجي برادري جي صديق لاشاري نالي ارباب جماري کي هڪ سوزوڪي پڪ اپ قسطن تي وٺرائي ڏني هئي پر مذڪوره شخص گاڏي جون قسطون ادا نه ڪيون جنهن سبب گاڏي جي مالڪ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آھي جڏھن ته ارباب جماري ۽ ان جي ساٿين گاڏي جي ڏنل ايڊوانس جي رقم واپس وٺڻ لاء اسانکي پريشان ڪري رهيا آھن ۽ اسان کي رقم نه ڏيڻ تي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آھن.

هنن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي اپيل ڪئي ته ان مسئلي جو فورن نوٽيس ورتو وڃي ۽ انهن بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.*** ساڳئي رپورٽر موجب ڳوٺ سعيدخان لنڊ ۾ هڪ ئي رات ۾ 6 سولر پليٽون چوري، چور سڄي پاڙي جون سولر پليٽون لاهي کڻي ويا آھن. سنڌ آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ ۾ رات چور گهرن جي ڇتن تي پيل ڳوٺاڻن محمد عثمان لنڊ، خالداحمد، امان الله لنڊ، عبدالرحيم، عبدالرزاق لنڊ ۽ هڪ بيوھ يتيم عورت جون هزارين روپيه ماليت جون سولر پليٽون چوري ڪري ويا آھن، ڳوٺاڻن طرفان مقامي ٿاڻي تي اطلاع کان پوء پيري گهرائي چورن جو پيڇو ڪيوويو پر چورن جو پتو ڪونه پئجي سگهيو آھي۔ متاثر ڳوٺاڻن پوليس کان گهر ڪئي آھي ته چوري ٿيل سولر پليٽون واپس ڪرايون وڃن. *** هوڏانهن ستر موري مان لال بخش سٺيو موجب آل سنڌ پرائمري ٽيچرايسوسيشن ضلع ٽنڊومحمد خان پاران اڄ ٻئي ڏينھن به ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ استادن کان رشوت طلب ڪرڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري رھيو.

پ ٽ الف جي الف جي مرڪزي صدر شفيع محمد سٺيو پڻ اظھار يڪجھتي طور شرڪت ڪئي.ان موقعي استادن ٽريزري عملي خلاف سخت نعري بازي ڪندي مطالبو ڪيو ته استادن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت م احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو