نئون ڪوٽ (ن س) نئون ڪوٽ ڀرسان اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف ٻارڙن جو احتجاج، استاد مقرر ڪري اسانجي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻارڙا، خبر موجب نئون ڪوٽ ڀرسان تعلقي جهڏو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول فقير فيض محمد بلالاڻي ۾ استادن جي کوٽ خلاف سوين ٻارڙن پاران هٿن ۾ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ ٻارڙن جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ 500 ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ صرف هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته وڌيڪ استاد نه هئڻ ڪري اسان جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، هنن چيو ته اسڪول مان ٽن استادن جي رٽائرمينٽ بعد تعليم کاتو اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي استاد ڏئي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي، نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
