استادن جي جائز مسئلن لاءِ حڪومت کي سنجيده ٿيڻو پوندو

حاجي شفيع محمد سٺيو
اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ هر سرڪاري ڪم ڪار ٻين ملڪن جيان پنهنجو پاڻ ٿيڻ لڳي ته جيڪر ڪو به ڊسٿرب متاثر نه ٿيڻ لڳي، هن ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ هميشه سرڪاري ملازمن پنهنجي جدوجهد، ڪوششن، محنتن ۽ وڏي جاکوڙ بعد مسئلا حل ڪرايا آهن. جهڙوڪ تازو اسان پاڻ 12 جولاء تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پوري سنڌ جي پرائمري استادن پنهنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ ميدان عمل ۾ رهندي ڪراچي پريس ڪلب کان هڪ ٻه نه پر بار بار ٻه ٽي دفعا پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس تائين پهچڻ لاءِ ۽ اتي وزير اعلي سيد مراد علي شاهه صاحب کي پنهنجي استادن جي مطالبن جو چارٽر آف ڊيمانڊ ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌن جي ڪوشش ڪئي سون ته هر دفعي پوليس ۽ انهيءَ سان گڏ رينجرس جا جوان پنهنجي ئي سرڪاري ملازمن سو به ٻين کي نه پر پنهنجي قوم جي مستقبل سنواريندڙ استادن پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ عظيم هستي ( استادن ٽيچرس) کي جهڙي طرح وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو انھي جو ڪڏهن به مثال نٿو ملي. ڇاڪاڻ ته پهريان پوليس لاٺي چارج واٽر ڪينن ۽ لٺين جو وسڪارو ڪندي هئي پر هن ڀيري ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پوليس سان گڏوگڏ ئي وري نئين امپورمينٽ رينجرس جي ڪئي وئي هئي. شايد انهن پنهنجي حڪمرانن کي اهو معلوم ناهي ته اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي. ڪلهه ڪير هئا، اڄ ڪير آهن ۽ سڀاڻي ڪير هوندا اها انهن کي سڌ ئي ڪونهي، اقتدار جي رسي هلي ٿي في الحال پاڪستان پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو اٿائين جو گذريل 16 سالن کان هو اقتدار ۾ آهن پر اهي پنهنجي سنڌ جي لکين ڪروڙين ٻارڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي استادن پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ ٽيچرس جي مسئلن پرابلمز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. استادن جا مسئلا ڪي انيڪ ناهن يا استاد ڪي اهڙا مطالبا نٿا ڪن جنهن سان حيرت ۽ اچرج اچي وڃي بلڪ عام طرح ٻين ملڪ جي صوبن کي ملندڙ مراعتون سهولتون گهرن ٿا. هتي حق گهرڻ تي انھي کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ جمهوري ملڪ ۽ جمهوريت جي علمبردار شهزادي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي نظريي کي ڏسو ته شهيد بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي غير جمهوري قوتن کي للڪاريو ۽ وڏي واڪي واضع نموني پوري دنيا کي پيغام ڏنو ته ڪانئر بزدل ڊڪٽيٽر، آمريت کي ڪڏهن به قبول نه ڪندس. اهڙي طرح پاڪستان پيپلزپارٽي جي پوري تاريخ جمهوريت لاءِ گذري انهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڻ ڏاڍ خلاف احتجاج، بک هڙتالون، احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا. تازو جڏهن اسان استاد برادري پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ 12 جولاء تي وزير اعلي هائوس سامهون احتجاجي ڌرڻي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي سون ته ڪيس ڪيو ويو. اسان کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري ۽ ٻين تعليم دوست آفيسرن کان توقع ۽ اميد آهي ته اهي سنڌ جي تعليم ۾ خاص ڪري پرائمري استادن بنيادي بيسڪ ٽيچرس جي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ فوري طور تي نوٽيفڪيشن پڌرو ڪري هزارين پرائمري استادنم پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ڪي تعليم کاتي جا دوست انگ اکرن جي هيرا ڦيرا ادھر اوڌر بجاءِ نيڪ نيتي سان سنڌ جي استادن جي مجموعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اهو استاد برادري کي احساس ڏيارين ته اهي آفيسر پنهنجي جاءِ تي پر پهريان هڪ استاد وٽان پڙهي لکي هتي پهتا آهن ۽ استاد جو احساس انهي جي فيملي جا مسئلا هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ ڪيئن ڪر کنيو بيٺا آهن. جڏهن هڪ پهرين ٻي گريڊ چوڪيدار، پٽيوالو، نائب قاصد به ڪلارڪ، سينئير ڪلارڪ، پوءِ آفيس سپريٽنڊنٽ 17,18, گريڊ اسڪيل ۾ پهچي سگهن ٿا ته پوء گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ، ايم، اي/ ايم ايڊ، / ايم فل / پي ايڇ ڊي ٿيل پرائمري استادن کي پنهنجي ئي پرائمري اسڪول ۾ سينئير استادن کي 17 اسڪيل ڏئي هيڊ ماستر ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟، جڏهن هر هڪ کاتي ڊپارٽمينٽ ۾ سن ڪوٽا اولاد ڪوٽا آهي ته پوءِ تعليم کاتي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هتي سياسي ڪوٽا به هلي پئي پر ٽيچرس ڪوٽا بند ڪرائي وئي آهي. فوري طور سن ڪوٽا موجب سنڌ جي پڙهيل لکيل استادن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن. جيستائين استادن جي 25 سيڪڙو سن ڪوٽا بحال هئي ۽ انهيءَ تي ڪو ڌاڙو نه لڳندو رهيو ته پوءِ انهيءَ وقت جي تعليم تربيت ۽ سکيا ڪيتري قدر اسڪولن ۾ نمايان رهندي رهي پر جڏهن سکيا، تربيت ۽ استادن جي اولاد کان بنا ماحول سفارشي، رشوت ۽ سياسي ڪوٽا تحت ادارن ۾ خاص ڪري تعليم کاتي ۾ ماڻهو ڀرتي ٿيڻ لڳا ته انهيءَ جا ڀيانڪ قسم جا نتيجا ملڻ لڳا، ماضيءَ ۾ ملندڙ استادن جي اولاد لاءِ 25 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي يا استادن جي اولاد کي 20 مارڪون اضافي ڏنيون وڃن، تعليم کاتي پيغمبري پيشي بجاءِ ڪاروبار، بزنس ڌنڌو ڪري هلائڻ جا ڪيڏا منفي اثرات سامهون اچڻ لڳا آهن. جنهن جو ڪو تصور به نٿو ڪري سگهي، سنڌ جي پرائمري استادن جا مطالبا جهڙوڪ ؛ استادن جا جائز مطالبا سال 2001ع کان وٺي جيڪي به استاد ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن جو ڪانٽريڪٽي پيرڊ ريگيولر سروس ۾ شمار ڪيو وڃي، گذريل 5 سالن کان ملازمن جي بنيادي پگهارن جا اسڪيل روائيز نه ڪيا ويا آهن، انهيءَ عرصي دوران ملندڙ سڀ ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪري اسڪيل روائيز ڪيا وڃن، سيڪندڙي اسڪولن ۾ مرج ڪري ڪئمپس ۽ ڪلسٽر ٺاهڻ واري پاليسي تي نظر ثاني ڪئي وڃي، گروپ انشورنس کي ميجيرٽي ڪليم ۾ تبديل ڪري هر استاد کي رٽائرمينٽ جي موقعي تي انشورنس جي ادائيگي ڪئي وڃي جيڪا استادن جي پگهارن مان هر مهيني ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي اها استادن کي ئي ملڻ گهرجي، جنهن لاءِ ڪورٽ سڳوري جي فيصلي کي منهن نه ڏنو وڃي بلڪ قانون ۽ انصاف جي تقاضائون مطابق هرهڪ ملازم کي پنهنجي گروپ انشورنس جي رقم ملڻ ڏني وڃي . استادن لاءِ تعليمي انڪريمينٽون ايم اي، بي ايڊ، ايم ايڊ وغيرهه بحال ڪيون وڃن، سنڌ جي اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي لکين ٻارڙا هن جديد دور ۾ به پٽ ميدان تي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.سنڌ اسڪولن جي لاءِ آيل بجيٽ تي ڪامورا هٿ صاف ڪري وڃن ٿا فرنيچر سميت ٻيون بنيادي سهولتون اسڪولن کي فراهم ڪيون وڃن، بائيو ميٽرڪ کي ضلعي سطح تي آندو وڃي، استادن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪيل بينوولنٽ فنڊ جي رقم ڊپٽي ڪمشنر بجاءِ تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڊي اي اوز ذريعي ڏني وڃي، صحت کاتي جي ملازمن کي ملندڙ هيلٿ الائونس جي طرز تي استادن کي به بنيادي پگهار جو 25 سيڪڙو ٽيچنگ الائونس ڏنو وڃي، ٻين صوبن جي ملازمن جيان سنڌ جي پرائمري استادن کي به صحت ڪارڊ جون سهولتون ڏنيون وڃن. اميد ته وزير تعليم سيد سردار علي شاهه صاحب ۽ خاص ڪري صوبائي سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري صاحب پنهنجي آخري وقت ۾ سنڌ جي هزارين پرائمري استادن جي مسئلن کي غور سان ٻڌي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين استادن جي اندر پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪرڻ لاءِ عملي ۽ فوري طور تي قدم کڻندا. نه ته ٻئي صورت ۾ پاڻ پيادل احتجاجي لانگ مارچ، وزير اعلي هائوس سامهون احتجاجي ڌرڻي بعد هڪ نئين احتجاجي حڪمت عملي جوڙي ميدان عمل ۾ هونداسين. سنڌ جي استادن کي احساس محرومي بجاءِ مسئلن جو حل گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو