اسان ته فلسطينين جهڙا به نٿي سگهياسين

طفيل مگسي
جيتوڻيڪ فلسطين هڪ ننڍڙي رياست آھي.باوجود انهيء جي اها هن وقت اسرائيل جهڙي وحشي ۽ سفاڪ رياست(جنهن سان سڄي دنيا جا سامراجي ملڪ ۽ گڏ مسلم پڻ ڪٺي آھن) جي ظلمن جي خلاف رڪ جي ڀت بڻجي ڪري مقابلو ۽ جدوجهد ڪري رهي آھي.جنهن کان اهو پڌرو ٿيئي ٿو ته فلسطيني ذھني طور تيغلام ناهن ۽ ڪنهن به قيمت تي اسرائيل جي غلامي کان ۽ سندس نظام کان شديد نفرت ڪن ٿا.
هتي سوال اسان جو خاص ڪري انهن نوجوانن کان آھي( جيڪي انقلاب ۾ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا آھن)ته ڇا اسين فلسطيني نوجوانن جيان ذھني طور تي آزاد آھيون ؟معاشي طور تي آزاد آھيون؟ڇا اسان جي نوجوانن کي پنهنجي ملڪي حالتن ۽ تاريخ جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ يا شعور آھي؟
سو اڄ سوال پنهنجي نظام جو آھي.ڇاڪاڻ ته انگريزن کان اڳ هتي مسلمانن جون حڪومتون هيون.جيڪي عدل و انصاف تي مشتمل هيون.ماڻھو معاشي سياسي طور تي آزاد هئا.بعد ۾ مسلمانن جي نظامن ۾ سياسي ڪمزوريون شروع ٿيون .ظاهر آھي ته عروج کي ڪڏھن زوال به ايندو آھي.مگر باوجود ان جي به اسان معاشي ۽ سياسي طور تي غلام نه هئاسين.ليڪن انهن ڪمزورين ۽ غدارين جو فائدو وٺي ڪري انگريز قابض ٿي ويا ۽ انگريزن هتي جيڪي ظلم ڪيا تاريخ ان جي شاهد آھي.۽ جيڪي هو هن وقت فلسطين تي ڪري رهيو آھي.انهن کان به ٻيڻ ٽيڻ تي هئا.انگريز سفاڪن اٽڪل ڪروڙين ماڻھن تي هٿرادو ڏڪار مڙھي کين کي سدائين جي لاء ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو.ان کانسواء ڦرلٽ ۽ ٻيو قتل عام الڳ آھي.ورهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي تي عمل ڪندي هتان جي تاريخ کي تار تار ڪيو ويو.جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام.کي قانون جي شڪل ڏئي ڪري ڪروڙين ماڻھن کي ذھني غلام.بنائڻ جي لاء لارڊ ميڪالي جو تعليمي نظام لاڳو ڪيو ويو.جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام کي قانوني شڪل ڏئي ڪري هتان جي تاريخ کي ڪٺو ڪيو ويو.ماڻھن کي ذھني ۽ جسماني طور تي غلام بڻايو ويو .اسان جي سموري تعليمي سياسي و معاشي نظام کي بدلائي ڪري رکي ڇڏيو.پاڪستان جي ٺھڻ جو بنيادي مقصد انگريزن جي ان نظام ۽ غلامي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ اسلام تي مشتمل عدل جي نظام کي لاڳو ڪرڻ مقصد هو.مگر افسوس پاڪستان جي آزاديء کانپوء ھتي اهوئي نظام رائج ٿيو.جيڪو انگريزن هن زمين ۽ عوام کي ڦرڻ جي لاء قائم ڪيو هو.ساڳيو ئي جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام تي مشتمل نظام قائم.ٿيو.
جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو ته هتي سرمائيداراڻي سوچ رکڻ وارن امريڪي ۽ برطانيه جي پٺوئن هتان جي عوام کي تاريخ کان ڪٽي ڪري ذھني غلام بڻايو.اسلام کي صرف مسجد ۽ مدرسي يا انفراديت تائين محدود رکيو ويو..،تعليمي نظام اهوئي لارڊ ميڪالي ايڊم سمٿ جو معاشي نظام.ميڪاولي جي سياسي نظام وغيره جي قانونن تي نظام قائم ڪيو ويو ۽ وڌيڪ غلامي جي لاء امريڪا آئي ايم ايف کان قومن جي نالي تي قرض ڏئي ڪري قومن کي بين الاقوامي غلامي جي حوالي ڪيو ويو.جنهن جو اڄ نتيجو اهو نڪتو ته سموري قوم سواء چند ماڻھن جي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آھي.65%کان وڌيڪ زرعي پيداوار تي 1% ماڻھن جو قبضو آھي.سموري قوم تي 22 خاندانن جو راڄ آھي ۽ انهن جي زمينن ۾ ڏينهن رات محنت ڪرڻ وارا انهن جا غلام آھن.
عالمي بينڪ جي مطابق ماڻھو جنهن جي روزاني آمدني ٻه ڊالر يا 250سو کان گهٽ آھي.ان جو ڳاڻيٽو غريب جي لڪير کان هيٺ آھد.لدڪن پاڪستان ۾ 100روپيا روزاني گهٽ ڪمائڻ واري کدي غريب تصور ڪيو وڃي ٿو.جيڪو عالمي پيماني جي معيار تي به پورو نٿو لهي.ائين سمجهي وٺو ته دنيا 250روپيا گهٽ ڪمائڻ واري کي غريب سڏي ٿي ۽ پاڪستان ۾ 100روپيا گهٽ ڪمائڻ وارو غريب تصور ڪيو وڃي ٿو.
250 روپيا روزانو جي آمدني جي بين الاقواني معيار جي مطابق پاڪستان جي 70%آبادي غريب تصور ٿيئي ٿي.ليڪن 100روپيا روزاني ڪمائڻ واري پاڪستاني معيار جي مطابق سرڪاري کاتن ۾ 24% آبادي غريب آھي.
پلاننگ ڪميشن جي نئين رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ اٽڪل 7ڪروڙ77لک ماڻھو هن وقت به غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.
پنجاب ۾ غربت جو انگ31.4%.سنڌ ۾ 43%.خيبر پخونخواه ۾ 49% ۽ بلوچستان ۾ غربت جو انگ 71% آھي.
اڍائي ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آھن.ڇاڪاڻ ته انهن کي غربت جي ڪري تعليم.جون سهوليتون ميسر ناهن.ساڳيو ئي حال اسپتالن جو آھي جتي ڪو علاج ناهي ۽ نه ئي وري ڪي علاج واريون سهوليتون موجود آھن.جتي هڪ معمولي سرنج به يا پيناڊول جي ڳوري اسٽورن تان وٺڻي پوي ٿي.نه صرف اهو بلڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيون اسان جي صحت جي اداري کي ڪنٽرول ڪيون پيون آھن ته جيئن انهن جون دوائون وڌ کان وڌ وڪرو ٿين.جنهن سان وزارت صحت کان ويندي اسپتال جو سمورو عملو ٻٽ آھي ۽ سڄو نظام.ڪميشن تي هلي ٿو ۽ باقاعدي پلاننگ جي تحت ماڻھن ۾ مختلف بيماريون پکيڙيون وڃن ٿيون.ياد رهي ته مون پاڻ ھڪ غير ملڪي اخبار جو آرٽيڪل پڙھيو.جنهن ۾ لکيل هيو ته ملٽي نشنل ڪمپنيون سائنسدانن کي وڏي قيمت تي خريد ڪري کانئن کان اهڙيون دوائون تيار ڪرائين ٿيون ته جيڪو به مريض هڪ ڀيرو انهن دوائن کي استعمال ڪري ٿو.اهو ان جو عادي بڻجي وڃي ٿو ۽ ان وقت تائين اهي دوائون استعمال ڪري ٿو.جيستائين قبر جي ڪال ڪوٺڙي ۾ نٿو پهچي.مقصد ته مرض ڇڏڻ جي بجاء عزارئيل کي ساڻ وٺي اچي ٿو.
پاڪستان جي 8ڪروڙ 80 لک فرد هڪ ڪمري تي مشتمل گهرن ۾ زندگي گهارڻ تي مجبور آھن.بيروزگاري اسان جي لاء وبائي مرض بڻجي چڪي آھي.جڏھن ته پاڻي.صحت ء ٻين سمورين سهوليتن جو به وڏو فقدان آھي.2010جي رپورث جي مطابق پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 2لک 48هزار نوان ڄاول ٻار پاپس پنهنجي ايندڙ دنيا ڏانهن مو ٽي وڃن ٿا.جيڪي سڄي دندا ۾ مرڻ وارن ٻارڙن جو 10% آھن.
سدائدن ٻوڏن جي سبب کان لکين ماڻھو بي گهر ٿي وڃن ٿا.فصل تباه وبرباد ٿي وڃن ٿا.حالانڪ پاڻي ء اسٽوريج ڪري ڊيم ٺاهي ڪري پاڻي جا مسئللا ۽ بجلي جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.ليڪن اهي منصوبا نفرت جي بنياد تي نه هجن.
زمين جي ورهاست جي غلط طريقيڪار جي سبب کان هزارين ماڻھو هڪ ٻيئي کي قتل ڪري ڇڏين ٿا.جيڪو صرف غلط قانون ۽ نظام.جي ڪري ئي ٿيئي ٿو.
ان ريت اسان جي ملڪ ۾ بي حساب معدنيات ملجود آھي.مگر ان کان فائدا ڪجه طاقتون حاصل ڪري رهيون آھن.صرف بلوچستان جي سيندڪ پروجيڪٽ ۾ روزاني هزارين ٽن جي معدنيات نڪري ٿي.ان جو فائدو ملٽي نيشنل ڪمپنيون چند ماڻھو حاصل ڪري رهيا آھن.ان کانسواء سموري پاڪستان ۾َسون.ڪوئلي.تيل.گيس ۽ ٻين معدنيات جا ابنار موجود آھن.جن کان ملٽي نيشنل ڪمپنيون.سول ۽ ملٽي بيورو ڪريسي ۽ سياسي ماڻھو فائدو حاصل ڪري رهيا آھن.
اسان جو سمورو نظام.چاهي عدالتي هجي.پوليس جو هجي.ٽيڪسجو هجي وغيره وغيره سڀ ڦرلٽ ۽ سرمائيداري جي فرض ۾ مصروف آھن.ڇاڪاڻ ته اهو نظام ۽ قانون ٺاهيا ئي انهن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي لاء ويا آھن.
مٿيون طبقو چاهي ڪيترو به وڏو گناه ڪبير ڇو نه ڪري يا ملاوٽ يا چوري ڇو نه ڪري انهن کي عدالتون ۽ قانون ڪجه به نٿو چئي.جڏھن ته هڪ معمولي مزدور يا غريب ڪا چوري ڪري ٿو ته مٿس پنج ڏھ قلم لاڳو ڪري سالن جا سال جيلن ۾ چڪيون پيسرائن ٿا.
هڪ پاسي عاليشان محلات ته ٻيئي پاسي غربت جي ڪري ماڻھو ڦٽ پاٿ تي زندگي گذارڻ تي مجبور آھي.هڪ پاسي اميرن جو عيائشيون ۽ ٻيئي پاسي غربت کان مجبور خاندانن جو خودڪشيون.حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسله وسلم جي حديث مبارڪ جنهن جو مفهوم آھي ته“ غربت انسان کي ڪفر تائين پهچائي ڇڏي ٿي“اڄ اسان جن ڪفر جي بيمارين ۾ مبتلا آھيون ان جو سبب تربيتي نظام جو نه هئڻ ۽ دولت جي گردش صرف دولتمندن جي وچ ۾ ٿيئي ٿي.جنهن جي سبب کان سماج معذور ٿي وڃي ٿو.
دولت ۽ تربيت جو مثال انساني بدن ۾َرت جهڙو آھي.جيڪڏھن رت جي گردش سموري وجود ۾َٺيڪ رهي ٿي ته سمورو وجود ٺيڪ رهي ٿو.مگر جيڪڏھن انسان جي وجود جي جنهن حصي کان رت جي گردش رهجي وڃي ته ان جي سببکان بدن جو اهو حصو معذور ٿي وڃي ٿو.دولت جو مثال به سوسائٽي ۾َساڳئيء ريت آھي.انهيء ڪري رب ڪريم اسلام.جي معاشي نظام جو هڪ بنيادي اصول قرآن مجيد ۾ بيان ڪيو آھي.جنهن جو مفهوم.آھي ته“دولت توهان جي دولتمندن جي وچ ۾ گردش نه ڪندي رهي“قرآن مجيدهڪ هڪ سياسي ۽ معاشي نظام ڏنو.جنهن کي اپنائي ڪري انسان حلال جو رزق ڪمائڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نٿي ٿيئي.واقعي اڄ جيڪڏھن ٻه نمبري.فضول خرچي .ملاوٽ.بداخلاقي آھي.ان جو بنيادي سبب ملن واري دين نه بلڪ حقيقي دين اسلام کان ڏوري آھي.اسان سماج ۽ مسئلن جو بنيادي سبب اهوئي بدن ۾ رت جي گردش واري مثال جيان آھي.
اڄ اسان وٽ آئي ايم ايف جو وياجي نظام.قائم آھي.جنهن کان عوام جا مسئلا وڌي رهيا آھن.ان غليظ نظام جو مثال هڪ اهڙي تلاء جيان آھي جنهن ۾ روزاني ماڻھو وهنجندا هجن.مگر جيڪو پاڻي تلاء ۾ وڌو وڃي ٿو اهو سمورو غليظ هجي.ان جا اثر انساني بدن تي ضرور پوندا.ماڻھن کان بدبوء ايندي.ماڻھن ۾َمختلف قسمن جون بيماريون پيدا ٿينديون.ماڻھو هڪ ٻيئي کي چوندا ته تون غليظ آھين.تون بيمار آھين وغيره.هاڻي جيڪڏھن ماڻھو هزار ڀيرا صابڻ يا ٻيون شيون استعمال ڪري مگر وقتي فائدي کانسواء ٻيو ڪجه به نه ٺيڪ ٿيندو.کيڪن جڏھن انهيء تلاء ۾ صاف پاڻي جو استعمال ڪيو وڃي ته سمورا مسئلا حل ٿيندا.ان ريت اسان جي نظام جو مثال به ان غليظ تلاء جهڙو آھي.جيستائين غليظ پاڻي يعني غليظ ۽ ظالم انگريزن جا قانون اسان جي نظام ۾ ھوندا.انهن جي ڪري سمورو ماحول خراب رهندو.ڇاڪاڻ ماحول قانونن ۽ اصولن سان ٺھندا آھن.اڄ جي نوجوان کي انهيء لحاظ کان سوچڻ گهرجي ته ڇا اسان آزاد آھيون؟اڄ اسان جي نوجوانن ملڪ وقوم جي انهن 22 ڦورو خاندانن ۽ آئي ايم ايف کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪهڙو رول.ادا ڪيو آھي.جيستائين اسان اهڙين اهم ڳالهين تي عمل نه ڪنداسين ته يقينن اسان انهن غليظ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ سدائين پيسبا رهنداسين.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اسان ته فلسطينين جهڙا به نه ٿي سگهياسين.جيڪي پنهنجن حقن جي لاء جانين جا ٻليدان ته ڏئي رهيا آھن.ليڪن باطل قوتن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کي پنهنجي توهين سمجهن ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو