ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اداڪار سائره شهزور جي شادي تقريب دوران رقص ڪندڙ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي. وڊيو ۾ سائره پنهنجي ڀيڻ پلوشي يوسف سان گڏ ڊانس ڪندي نظر اچي ٿي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سائره ۽ شهروز سبزواري وچ ۾ طلاق جون خبرون سوشل ميڊيا تي ڇانيل هيون ۽ ان جي وجه ماڊل صدف ڪنول کي قرار ڏنو پئي ويو. جڏهن افواهون گردش ڪرڻ لڳيون ته شهروز سبزواري منظرعام تي اچي پنهنجي ۽ سائره وچ ۾ طلاق وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته اسان ۾ طلاق ناهي ٿي صرف علحيدگي ٿي آهي. شهروز سبزواري ماڊل صدف ڪنول جي حوالي سان به گردش ڪندڙ افواهن جي وضاحت ڪندي چيو ته اسان زال مڙس وچ ۾ عليحدگي جو سبب صدف ڪنول ناهي.
