آمريڪا پاران بگرام ايئربيس خالي، طالبان جي ڀليڪار

ڪابل(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اتحادي فوج افغانستان ۾ وڏي ۾ وڏو پنهنجو فوجي اڏو بگرام ايئربيس خالي ڪري افغان فورسز حوالي ڪري ڇڏيو. غير ملڪي فوجين کي فوجي جهاز ۾ جمع تي روانو ڪيو ويو. تحريڪ طالبان جي ترجمان ان قدم جي ڀليڪار ڪئي آهي. ڪابل کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع بگرام ايئربيس سوين ايڪڙن تي ڦهليل آهي جنهن ۾ جيل به آهي جتي هزارين قيدين کي رکيو ويو هو. هي ايئربيس 1950 آمريڪا ٺاهي هئي پر 1979 ۾ روسي فوج جي استعمال هيٺ رهي ۽ انهن ڪافي توسيع ڪئي هئي. نائن اليون بعد واپس آمريڪا هي اڏو استعمال ڪيو. آمريڪي فورسز جي ترجمان موجب 600 آمريڪي فوجي ڪابل ۾ پنهنجي سفارتخاني جي حفاظت لاءِ موجود هوندا. هڪ زماني ۾ بگرام اڏي جي رن وي جو هڪ پاسو ٽن ڪلوميٽرن تائين طالبان جي قبضي ۾ هو ته ٻيو ڇيڙو ناردرن الائنس جي قبضي ۾ هو. هن مهل تائين جرمني ۽ اٽلي اعلان ڪيو آهي ته هنن جا سمورا فوجي واپس وطن پهچي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو