آمريڪا: هوائي جي جهنگ ۾ باهه لڳڻ سبب 53 ڄڻا فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست هوائي ۾ جهنگ ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ 53 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب باهه لڳڻ سبب سوين گهر ۽ عمارتون مڪمل طور سڙي رک ٿي ويون.ٻيلي ۾ باهه لڳڻ سبب تاريخي سياحتي مقام لاهينا تباهه ٿي ويو،آمريڪي صدر بائيڊن هوائي جي ٻيلن ۾ لڳل باهه کي وڏو سانحو قرار ڏنو.ياد رهي ته باهه لڳڻ سبب مائي ڪائونٽي ۾ بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو آهي، باهه لڳڻ سبب ڪيترائي بجلي جا پول پڻ ڪري پيا آهن. هوائي جي گورنر جو چوڻ آهي ته باهه سبب ٿيل نقصان جو مڪمل اندازو لڳائڻ ۾ مهينا لڳي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو