آمريڪا تي حملو ٿيو ته ايٽمي قوت کان وڌيڪ طاقت استعمال ڪبي،ٽرمپ

نيويارڪ(ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن آئنده ڪنهن دشمن آمريڪا تي حملو ڪيو ته ان جو پيڇو ڪنداسين، چاهي هو ڪٿي به هجي ۽ اهڙي طاقت استعمال ڪنداسين جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڏٺي به نه هوندي. اهڙو اظهار هن  نئن اليون جي 18 هين ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته “مان ايٽمي طاقت جي ڳالهه نٿو ڪريان پر اهڙي طاقت جي ڳالهه ٿو ڪريان جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن به آمريڪا استعمال ناهي ڪئي”. هن طالبان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ڪيمپ ڊيوڊ ۾ گهرايو هو پر اوهان افغانستان ۾ حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ آمريڪي سميت 12 بيگناهه فوت ٿيا، جنهن بعد مون سندن خلاف ڀرپور طاقت استعمال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ 4 ڏينهن کان دشمن خلاف ڀرپور ڪارروائي جاري آهي.  هن ان جو ڪو وڌيڪ تفصيل نه ڏنو ته ڪهڙي نوعيت جي اها ڀرپور قوت ۽ طاقت آهي. هن چيو ته طالبان خلاف ڀرپور طاقت جڳ استعمال جاري رهندو. ان کان اڳ 4 ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ  تقريب ۾ نائن اليون جي سانحي ۾ مري ويل 3 هزار ماڻهن جن ۾ پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز جا ماڻهو به شامل هئا، انهن جا نالا پڪاريندي سندن باري ٻٽي جملا چوڻ جي رسم ٿي.

U.S. President Donald Trump and first lady Melania Trump observe a moment of silence to mark the 18th anniversary of September 11 attacks on the South Lawn of the White House in Washington, U.S., September 11, 2019. REUTERS/Kevin Lamarque

ياد رهي ته ايٽمي طاقت کان به وڌيڪ خطرناڪ قوت استعمال ڪرڻ جي صدر ٽرمپ جي ڌمڪي القائده اڳواڻ ايمن الزواهري جي تازو جاري ڪيل 33 منٽن جي ويڊيو جي تناظر ۾ هئي، جنهن ۾ هن آمريڪا، اسرائيل، يورپ ۽ روس تي حملن جي ترغيب ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو