آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامنٽ 20 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

حيدرآباد (ن س)راندين واري کاتي ۽ پاڪستان شوٽنگ بال فيڊريشن پاران چوڏهين آل پاڪستان  شوٽنگ بال چيمپئن شپ حيدرآباد ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چيمپئن شپ ۾ ملڪ جون  30 کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺنديون، جاري ڪيل شيڊيول جي مطابق ميچن جي شروعات 20 ڊسمبر صبح 9 وڳي ٿيندي  جيڪي لڳاتار 3 ڏينهن تائين جاري رهنديون. چيمپئن شپ جي انعقاد لاءِ حيدرآباد جي علائقي حسين آباد  ۾ واقع سروري اسپورٽس ڪامپليڪس  جو گرائونڊ تيار ڪيو ويو آھي جنهن جو سيڪريٽري اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرز سنڌ سيد امتياز علي شاه معائنو به ڪيو ۽ هدايتون پڻ ڏنيون، ان موقعي تي سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ ڳالهائيندي چيو ته شوٽنگ بال، ڪرڪيٽ کان پوءِ ملڪ ۾ سڀ کان مقبول راند آهي، ماضي ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ شوٽنگ بال راند جا مقابلا ٿيندا هئا، راندين وارو کاتو پهريان جيئان ان راند کي ٻيهر  اوج ڏياريندو جنهن لاءِ ھي چيمپئن شپ پهريون قدم ثابت ٿيندي۔ ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته رانديون ئي واحد ذريعو آهن جنھن سان صحتمند معاشرو جنم وٺندو آھي، سنڌ جي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ آهي  ۽ راندين واري  کاتي جو عزم آهي سنڌ جي نوجوان نسل کي باوقار طريقي سان اڳي وڌڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراھم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو