ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي هارڊ هٽر آل رائونڊر شاهد آفريدي پنهنجي شادي جي ويهين سالگرهه تي گهر واري کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ واريون تصويرون به شيئر ڪيون آهن. هن چيو ته مون کان هن ڀيري به تاريخ وسري وئي هئي پر گهرواري ياد ڪرائي ۽ هن مونکي معاف ڪري ڇڏيو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل تصويرن ۽ ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته مان خوش آهيان ته اسين زندگي جا 20 سال سٺا گذاريا ۽ گهرواري مون سان ساٿ ڏنو.
