آغا سراج دراني ۽ ساٿين جي ضمانت رد، نيب جا ڇاپا جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ شريڪ ملزمن جي  جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي مشتمل بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته آغا سراج دراني پيش نه ٿيو، نيب سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا شروع ڪري ڇڏيا آهن. اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمانت بابت درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. آغا سراج دراني جي گهر واري، ڌيئرن ۽ پٽن جِي ضمانت منظور ڪئي وئي آھي، نيب ريفرنس ۾ آغا سراج دراني، سندس پٽ شهباز دراني، طفيل احمد، مٺو خان، اسلم پرويز لانگاهه، ذوالفقار ڏهر ۽ گلزار احمد سميت 18 جوابدار شامل آھن. ٻئي پاسي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ تي آغا سراج جي گرفتاري لاءِ ڇاپا شروع ڪيا آهن، نيب جو چوڻ آهي ته ڪوٽ دراني ڪراچي ۽ خيابان تنظيم جي گهر ۾ هو موجود نه آهي. ٻنهي گهرن جي ملازمن جو چوڻ آهي آغا سراج دراني گهر ۾ موجود نه آهي،  هو شام، جي وقت ايندو .

پهنجو تبصرو موڪليو