سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٻارن جي لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي نئين پابندي لاڳو ڪندي پاڻ کي مصنوعي ذهانت جي دور جو پهريون ملڪ بنائي ڇڏيو آهي.نئين قانون جي تحت 10 ڊسمبر کان ميٽا، ٽڪ ٽاڪ ۽ يو ٽيوب سميت سمورا سوشل ميڊيا پليٽ فارمز انهي ڳالهه جا پابند هوندا ته 16 سال کان ننڍي عمر جا ٻار انهي پليٽ فارم تي اڪائونٽس نه ٺاهي سگهن.آسٽريلوي حڪومت ذميواري والدين جي بجاءِ سڌو سنئون سوشل ميڊيا ڪمپنين تي وجهي ڇڏي آهي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڳرا ڏنڊ به مقرر ڪيا ويا آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو قدم ٻارن کي انهي نقصان ڏيندڙ الگورتهمز ۽ مواد کان بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي جيڪي انهن جي ذهني صحت تي منفي اثر وجهندا آهن.گهڻا آسٽريلوي شهري انهي پابندي جا حامي آهن پر ڪجهه ماهرين موجب سوشل ميڊيا تي پابندي ٻارن کي انٽرنيٽ جي غير منظم ۽ خطرناڪ نتيجن طرف ڌڪي سگهن ٿا. ٻئي طرف آمريڪي سرجن جنرل سميت ڪيترن ئي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ننڍي عمر ۾ سوشل ميڊيا جو مسلسل استعمال نوجوانن جي دماغ جي انهن حصن کي متاثر ڪري سگهي ٿو جيڪو سکڻ، جذباتي توازن ۽ سماجي روين کي ڪنٽرول ڪندا آهن.اهو قانون آسٽريليا جي اعليٰ عدالت ۾ ٻن 15 سالن جي ٻارن به چيلنج ڪيو آهي جن جو موقف آهي ته پابندي اسان جي اظهار جي آزادي ۽ سياسي ڄاڻ تائين پهچ جي حق کي محدود ڪري ٿي، پر حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي دٻاءُ ۾ نه ايندا ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ پنهنجي پاليسي برقرار رکندا.حڪومت سوشل ميڊيا ڪمپنين کي سخت ريگوليٽري هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن جن جي تحت پليٽ فارمز کي لازمي طور تي ننڍي عمر جي صارفين جي نشاندهي، انهن جي اڪائونٽس کي غير فعال ڪرڻ، ٻيهر رجسٽريشن روڪڻ ۽ موثر شڪايتي نظام فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻڻا پوندا.










