آسٽريليا جو ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽيم ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو اعلان

برسبين (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پاڪستان خلاف پهرين ميچ ۾ شاندار ڪاميابي کان پوءِ ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽيم کي برقرر رکندي ڪا به تبديلي نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آسٽريليا برسبين ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ پاڪستان کي هڪ طرفو مقابلي کان پوءِ ميچ جي چوٿين ڏينهن ئي اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ آسٽريلين ٽيم ۾ فاسٽ بالر جيمز پيٽنسن جي شموليت يقيني قرار ڏني وڃي پئي ليڪن ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي تي آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ ان تي هڪ ميچ جي پابندي لڳائي هئي. پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ هاڻي پيٽنسن ٻئي ميچ لاءِ دستياب آهي پر ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ان جي شموليت جا امڪان گهٽجي ويا آهن ڇاڪاڻ ته آسٽريلين ٽيم پهرين ميچ کٽڻ واري روايت کي برقرار رکندي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  آسٽريليا ٽيم جي ڪپتان جسٽن لينگر چيو ته برسبين ۾ رانديگرن بهترين راند پيش ڪئي ۽ چوٿين ڏينهن ميچ ختم ٿيڻ جي بدولت هنن کي هڪ ڏينهن جي موڪل به ملي وئي. ميچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن مهل تائين وڪيٽ ناهي ڏٺي پر اڄ ٽريننگ کان پوءِ جائزو ضرور وٺنداسين پر ان باوجود منهنجو خيال آهي ته ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. واضح رهي ته آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 580 رنسون ٺاهي پاڪستان کي اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻيو ٽيسٽ سڀاڻي کان ايڊليڊ جي گرائونڊ تي کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو