ميلبورين(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.رپورٽن مطابق پيٽ ڪمنز کي پيرن ۾ تڪليف آهي ۽ هن جو فٽنيس ٽيسٽ به ڪرايو ويو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب پيٽ ڪمنز اڳ کان بهتر آهي پر احتياطي طور تي کيس نه کائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پيٽ ڪمنز جي غيرموجودگي ۾ اسٽيو سمٿ ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته فاسٽ بالر اسڪاٽ بولنڊ کي پلیئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي.آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 164 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
