آريان خان منشيات ڪيس ۾ ضمانت تي آزد ٿي گهر پهچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر استار شاهه رخ خان جي پٽ آريان کي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بعد ممبئي جي آرٿر روڊ جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. کيس 2 آڪٽوبر تي ڪروز تي ٿيل پارٽي ۾ منشيات جي استعمال ۽ سمگلرن سان تعلقات جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ممبئي هاءِ ڪورٽ ٻه ڏينهن اڳ هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض سندس ضمانت منظور ڪئي هئي پر ڪاگھذي ڪاروائي مڪمل نه ٿيڻ سبب کيس هڪ ڏينهن وڌيڪ جيل ڀوڳڻو پيو. کيس شاهه رخ خان جو باڊي گارڊ روي گهر وٺي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو