آرمي چيف جي مقرري روڪڻ جي درخواست رد، شهري تي ڏنڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ آرمي چيف جي مقرري روڪڻ واري درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. عدالت شهري شبير اسلم جي آرمي چيف جي مقرري روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار شبير اسلم تي 10 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اسان جو ڪم آرمي چيف جي مقرري روڪڻ يا مقرري روڪڻ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو