ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ مصباح 35 هين نيشنل گيمز جو پهريون گولڊ ميڊل شوٽنگ مقابلي ۾ کٽيو.آرمي ليفٽيننٽ مصباح شوٽنگ ۾ عورتن جي ايونٽ جي 50 ميٽر رائفل ۾ گولڊ ميڊل کٽيو، نيوي شوٽرز مردن جي ايونٽ ۾ 10 ميٽر ايئر پسٽل ٽيم ايونٽ ۾ نئون قومي رڪارڊ قائم ڪيو.35 هين نيشنل گيمز ۾ رانديگرن ۾ تمغن جي جنگ شروع ٿي وئي آهي. باقاعده مقابلن جي پهرين ڏينهن شوٽنگ ايونٽ ۾ 6 سون جا تمغا طئي ٿيا، جن ۾ آرمي 4 ۽ نيوي 2 سون جا تمغا کٽيا.نيشنل گيمز ۾ مردن ۽ عورتن جي فٽبال مقابلن جو به آغاز ٿيو. عورتن جي فٽبال ۾ آرمي ڪي پي کي 0-23 تان شڪست ڏني، جڏهن ته سنڌ ۽ واپڊا جي وچ ۾ ميچ 1-1 سان برابر رهيو.پاڪستان نيوي جي شوٽرز شاهه رخ خان، ارسلان ۽ مدثر خان 10 ميٽر ايئر پسٽل ٽيم ايونٽ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو. پاڪستان نيوي جي شوٽرز 10 ميٽر ايئر پستول مينز ايونٽ ۾ 1721 جي اسڪور سان پاڪستان آرمي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.اڳوڻو رڪارڊ پاڪستان آرمي شوٽرز 2022 جي نيشنل شوٽنگ چيمپئن شپ ۾ 1718 جي اسڪور سان قائم ڪيو هو.










