آخري ٽي20 پنڪ ڊي ميچ لاءِ تياريون مڪمل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٽي 20 سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. اڄوڪي ميچ کي “پنڪ ڊي” سان منسوب ڪيو ويو آهي. ڇاتي جي ڪينسر بابت ڄاڻ عام ڪرڻ جي حوالي سان گلابي ڏينهن جي ڪرڪٽ ميچ منسوب ڪئي وئي آهي. ميچ جي شروعات کان اڳ ان ڏس ۾ هڪ تقريب منعقد ٿيندي جنهن ۾ صدر عارف علوي ۽ پي سي بي جو چيئرمين احسان ماني شريڪ ٿيندا. صدر ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن کي پنڪ ربن ڏيندو ۽ ٻئي ٽيمون گلابي پٽي پائي ميچ کيڏنديون. تماشائين ۾ به گلابي پٽيون ورهايون وينديون. ياد رهي ته سريلنڪا ٽن ميچز واري سيريز جون ابتدائي ٻئي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز کٽي چڪو آهي. واضح رهي ته دنيا ۾ پنڪ ڊي هر سال اپريل جي ٻئي هفتي ۾ بدمعاشي خلاف ملهايو ويندو آهي پر پاڪستان ۾ ان کي ڇاتي جي ڪينسر بابت ڄاڻ عام ڪرڻ سان منسوب ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو