ھنڱورجا (رپورٽر)ھنڱورجا قومي شاهراھ تي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر 3 ڄڻا ٿڏي فوت . بس ڊرائيور موقعي تان فرار . ٽنھي فوتين جا لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد ڳوٺ محمد سکيل ڏاھري ۾ سندن جي گھر پھچڻ تي قيامت صغرا جھڙا منظر . روڊ حادثي جو ڪوب ڪيس داخل ٿي ناھي سگھيو . تفصيل موجب ھنڱورجا قومي شاهراھ تي ھاء اسڪول سامھون ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ المدينا جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 3 ڄڻا سرور ڏاھري . نصرالله ڏاھري ۽ درياخان ڏاھري ٿڏي تي فوت ٿي ويا حادثي جي اطلاع موٽروي پوليس ھنڱورجا پوليس پھچي ريسڪيو ٽيم 1122 زريعي ٻن ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا جڏنھن ھڪ ڄڻو دريا خان ڏاھري جو لاش گاڏي ۾ ڦاٿل ھجڻ ڪري ڪرين مشين گھرائي بس کي ڪرين زريعي اونڌو ڪري لاش ڪڍيو ويو ٽنھي فوتين جا لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد ھنڱورجا لڳ ڳوٺ محمد سکيل ڏاھري ۾ سندن گھرن ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ھڪ ئي ڳوٺ ۾ 3 لاش پھچڻ تي قيامت صغرا جھڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا ھوڏانھن ھنڱورجا پوليس مسافر ڪوچ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي آخري اطلاعن تائين روڊ حادثي ڪوب ڪيس داخل ن ٿي سگھيو آھي ٻي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاهه محمد چانگ ھنڱورجا حادثي واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪيا










