لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما پرنسپل سيڪريٽري طرفان گورنر راشد منصور کي لکيل خط جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر پنجاب چيف سيڪريٽري کي خط لکي پرنسپل سيڪريٽري کي هٽائڻ لاءِ درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب اسپيشل سيڪريٽري عمر سعيد کي گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري جي جاءِ تي اضافي چارج ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي گورنر پرنسپل سيڪريٽري پاران لکيل خط تي اعتراض ڪيو هو ته پرنسپل سيڪريٽري پنهنجي طور تي خط لکي گورنر تي دٻاءُ ڪيئن ٿو رکي.ذريعن موجب پنجاب جي گورنر پرنسپل سيڪريٽري جا خط منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پڇا ڳاڇا ڪئي، پنجاب جي گورنر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته پرنسپل سيڪريٽري جي خفيه خط ميڊيا تائين ڪيئن پهتي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پرنسپل سيڪريٽري راشد منصور گورنر عمر سرفراز چيما کي ٻه خط لکيا هئا.










