گوادر کان خنجراب تائين وڏين رٿائن تي نوازشريف جو نالو آهي: خرم

گوادر کان خنجراب تائين وڏين رٿائن تي نوازشريف جو نالو آهي: خرم

نارووال (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو اهي ته پاڪستان جي ترقي جا بنياد نوازشريف رکيا گوادر کان خنجراب تائين جبلن تي وڏن ترقياتي منصوبن تي نوازشريف جو نالو آهي جيڪي رٿائون گذريل هڪ سال ۾ شروع ڪيون انهن جي پيڙهه جي پٿر تي به نوازشريف جو نالو لکيل آهي نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خرم دستگير چيو ته اسان سڀني نارووال ڪنسٽريڪشن ڊويزن جو افتتاح ڪيو ڪنسٽرڪشن ڊويزن کي ٺاهڻ ۾ 14 ڪروڙ جو خرچ ٿيو آهي احسن اقبال ان ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو هن ڪنسٽريڪشن ڊويزن ۾ 117 ماڻهو ڪم ڪندا منصوبي سان نارروال لاءِ نئون روزگار پيدا ٿيندو وفاقي وزير چيو ته جڏهن به شير ايندو ترقي آڻيندو شير جو نشان پاڪستان جي ترقي جو نشان آهي اسان گوادر ۾ به ترقي ڪري رهيا آهيون ۽ پاڙيسري شهرن ۾ به اسان سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ترقي جا منصوبا شروع ڪيا آهن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اسان نئين لائن چئن مهينن اندر ٺاهي هلائي ڇڏي آهي هن چيو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ وزيراعظم به ٿر ويندو اتي اسان هڪ نئين 220 ڪلوميٽر جي لائين چئن مهينن ۾ ٺاهي هلائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو