اسلام آباد ( م ڊ ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب بلوچستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي صورتحال جي روشني ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وڃي ٿي، انٽرنيٽ جي بندش سميت سيڪيورٽي معاملن بابت گهرو وزارت فيصلا ڪندي آهي. سيڪيورٽي خدشن سبب بلوچستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي، ٽيليفون سروس مڪمل طور فعال آهي، امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي قدم کنيا ويندا آهن. بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار ۾ اسڪول تي حملا ڪيا ويا، عام شهرين کي انهن جي سڃاڻپ ڏسي نشانو بڻايو ويو جڏھن تھ هرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته گهرو وزارت پاڻمرادو ڪنهن جو به نالو اي سي ايل ۾ نٿي وجهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته گهرو وزارت پاڻمرادو ڪنهن جو به نالو اي سي ايل ۾ نٿي وجهي، ڪنهن به اداري طرفان ڪنهن به ماڻهو جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جي درخواست تي عمل ڪيو ويندو آھي










