گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت

گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي علائقي استور کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس درياهه ۾ ڪرڻ سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا. گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب استور کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس ٿليچي پل ڀرسان درياهه ۾ ڪري، بس ۾ 23 مسافر سوار هئا، جيڪي استور کان چڪوال وڃي رهيا هئا. هن ٻڌايو ته درياهه مان 18 ڄڻن جا لاش ۽ هڪ زخمي کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو