گبريل جي متاثر علائقن ۾ 5 هزار ماڻهو اڃا تائين گم

گبريل جي متاثر علائقن ۾ 5 هزار ماڻهو اڃا تائين گم

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ۾ سامونڊي طوفان گبريل کانپوءِ بحالي جون ڪوششون جاري آهن، اتر آئيلينڊ مان وڌيڪ 2 لاش ملڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي.سامونڊي طوفان گبريل کان متاثر علائقن ۾ 5 هزار ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن، جڏهن ته 62 هزار ماڻهن جي بجلي بند آهي.ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ طوفان گبريل سبب نيوزيلينڊ جي اترين ٻيٽن ۾ تيز برساتون ٿيون هيون.رپورٽن مطابق ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ گهرن جي ڇتن تي ويٺل 300 ماڻهن کي فوجي هيلي ڪاپٽرن ذريعي بچايو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٻوڏ واري صورتحال سبب 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو