ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپو 9 جواري ۽ خفتي گرفتار

ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپو 9 جواري ۽ خفتي گرفتار

مريدشاخ (ارشد فيض گهنڃو) موٽر وي لڳ پراڻي فيڊر وٽ کنڀڙا پوليس ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپو هڻي خفتي ۽ جوارين گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. اي ايس آئي اڪبرعلي ميراڻي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو ھنيو ، ميل تي جوا جا لڳل 7000 ست ھزار روپيا روڪ، چار موبائيل فون، چار موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري 9 جوارين کي گرفتار ڪري ورتو. ڇاپي دوران ميل ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڪيترائي تماشائي جتيون ڇڏي ڀڄي ويا. گرفتار ڪيل جوابدارن رفيق احمدڪوش، غلام سرور چانڊيو، محمد فاضل چانڊيو، شاھمور مزاري، نعمت الله سولنگي، فريد لغاري، برڪت علي لغاري، قالوخان چانڊيو ۽ شبير احمد ڪوش کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو