خيرپور ناٿن شاھ/ ٽنڊو مستي(نمائندن وٽان) ڪڪڙ جي سينئر صحافي امير ملاح ۽ ڀائرن تي ايس ايڇ او ڪڪڙ پاران ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ۽ خيرپور جي صحافي جاويد مڱڻيجو تي حملي خلاف ڪڪڙ ۽ ٽنڊو مستي جي صحافين ڌار ڌار پنهنجي علائقن ۾ احتجاج ڪيو. ايس ايڇ او ڪڪڙ امتياز شاھ پاران امير ملاح تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف خيرپور ناٿن جي صحافين وفا معشوق علي کوکر، شفيق زمان لغاري ۽ ٻين صحافين پاران ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي صحافين ڳالهائيندي چيو ته اسان ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪڪڙ جي سينئر صحافي امير ملاح ۽ سندس ڀائرن تي ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي. هوڏانهن خيرپور پريس ڪلب اڳيان طبيب اخبار جي بيورو چيف جاويد مڱڻيجو تي قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جنھن جي اڳواڻي سنڌ طبيب ڪرائيم رپورٽ عبدالله شيخ ۽ فريد فاروقي ڪئي. انھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته صحافين تي ھميشه لاء پوري پاڪستان ۾ قاتلانا حملا ڪيا وڃن ٿا ۽ صحافين کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون جيڪو حق ۽ سچ جو ڳلو دٻائڻ برابر آهي. ان موقعي تي عاشق حسين لاشاري، نادر علي اڄڻ، شفيق شر ۽ ٻين آئي جي سنڌ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته صحافي جاويد مڱڻيجو تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.










