ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
جيڪڏهن صرف سنڌ اندر پيش آيل خطرناڪ واقعن تي نظر وجهنداسين ته ڪافي راز کلندا جڏهن ته ، ڪجهه وقت کان اهو پيغام ڏيندڙ سنڌ جا حڪمران ته سنڌ م تعليم مفت ٿي وئي آهي ، مان عرض ڪندس ته ائين ناهي ، سنڌ ۾ تعليم ٻه ٽن طبقاتي نظام تحت هلي رهي آهي هڪ سرڪاري تعليم جتي سواء غريب جي ڪو پڙهن لاء تيار ئي نه هوندو جڏهن ته مڊل ڪالس لاء نجي ڪجهه اسڪول جتي سنڌي به پڙهائي ويندي ته انگريزي سبجيڪٽ به ان ۾ شامل هوندو ، پي جيڪڏهن وڏيري ڀوتار پيرن ميرن ٽيڪنوڪريٽس بيوڪريٽس جي ڳالهه ڪندس ته وڏا واڏا اسڪول هوندا جتي شايد گيٽ باهران ئي بورڊ لکيل آهي ته جنهن وٽ پيسا ناهين اجو هن اسڪول ۾ پنهنجو بار نه ٿو پڙهائي سگهي ، اهڙا سڪول صرف توهان کي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ نه ملندا پر راڻي پور ۾ نجي ادارن جو اهوو ئي حال آهي ، جيڪڏهن ڪو مڊل ڪالس جو ماڻهون پنهنجي اولاد کي انهن نجي اسڪولن ۾ داخله وڍندو ته پوء ان کي پيس جمع ڪرائڻي پوندي جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته پوء ان جو پٽ به گهر ڀيرو ٿيندو چوڻ جو مقصد ته پهريان فيس پوء امتحان ڏيندا برحال سنڌ ۾ قانون جي وڏي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ، غريب جو ڪوئي حال ناهي ، هن پاڪستان ۾ صرف سهولتون امير ماڻهن لاء آهن ، هن وقت جهڙي ريت اخاص سنڌ جي نجي تعليمي ادارن آهن اهي ڪنهن کان لڪيل ناهي ، مان عرض ڪيان ته هي پاڪستان وڏين قربانين ڏيڻ بعد ٺاهيو آهي ، پر جهڙي ريت عوام جي تذليل ٿي رهي آهي اها به اسان کان لڪيل ناهي ، سنڌ اندر هن وقت اصلاح جي ضرورت آهي ، جهري ريت سنڌ م مسئلا جنم پيا وٺن اهو به ڪنهن لان ڪليل ناهي ، ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏڻ ، تعليمي ادارن سميت جهڙي ريت سنڌ ٺائي سان ظلم پيو ٿئي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، ان ڪري سنڌ حڪومت هجي يا وفاق عوام سان ٿيندڙ زيادتي هاڻ بند يٿڻ گهرجي جيڪڏهن زيادتيون بند نه ٿيو ته پوء شايد عوام پاڻ حڪمرانن جو ڪڙو احتساب ڪري ، سنڌ ۾ ئي آئين جي ڀڄڪڙي ڇو ٿي رهي آهي ، اهو سوال پيدا ٿي رهيو آهي جيڪڏهن سنڌ اندر خاص نجي اسڪول ڪاليجز ، يونيوسٽيز ، اسپتالن ۾ ڏسنداسين ته ڪيترائي واقعه اسان جي اڳيان پيش آيا آهن ، پر تعجب پيو ٿئي ته هي سنڌ جي نجي ادارن ميڊيڪل ڪاليجز يونيورسٽين ۾ ڇا پيو ٿئي ، اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪڻو پوندو اهو به هڪ سوال آهي جنهن تي به اسان کي غور ويچار ڪرڻو پوندو ، برحال جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو نه ٿيڻ گهرجي ، خطرناڪ واقعه اڳيان اچي رهيا آهن ، گمبٽ ۾ پيش آيل سَماجي اَلميو، ۽ هُجوم جو تماشو- گمبٽ ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اُهو مُنهنجي لاءِ تمام گهڻو پَريشان ڪندڙ آهي- نائين ڪلاس جو هڪ شاگرد نالي شاهزيب راجپوت ۽ سندس ٽيچر شائلا مرکنڊ پَسند جي پَرڻي لاءِ نِڪري ويا آهن. نينگر جي عمر 15 سال آهي، ۽ ايف آءِ آر موجب خاتون ٽيچر جي عمر 19 سال آهي، جنهن جي والده گمبٽ ٿاڻي تي شاگرد شاهزيب سميت ٽِن ڄڻن خلاف اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. مُنهنجي ڄاڻ موجب شاگرد جا مائٽ به سَخت پَريشان آهن، ۽ ساڳئي وقت شائلا جا مائٽ به شَرمندگيءَ جو شڪار آهن. ڳالهه رُڳو اُها به ناهي- سَماجي اَلميو هِي آهي ته اَسان ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته شادي ڪَهڙي ذميواريءَ جو نالو آهي، ۽ اُهو زندگيءَ جو ڪيڏو نه مُشڪل فيصلو هُوندو آهي. اسان جي سَماج ۾ اَڪثر ڪري مَعصوم نينگريون وڏي عمر جي مَردن سان ڦاسي وڃن ٿيون، ۽ ننڍي عمر جا ڇوڪرا وڏي ڄَمار جي عورتن پويان لَڳي وڃن ٿا- سَڀ کان اَهم ڪم شاديءَ کي سَمجهيو وڃي ٿو. ماڻهن جي وڏي اَڪثريت کي اُها خبر ئي ناهي ته سَڀ کان اَهم تعليم آهي، ۽ شاديءَ جي بهتر عمر 25 کان 30 سال هُوندي آهي. جيڪڏهن اڃا به ڪيريئر ٺاهي 30 ورهين کانپوءِ شادي ڪَجي ته اُهو وڌيڪ بَهتر هُوندو آهي- بَهرحال! شاهزيب ۽ شائلا جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي، اُن کان وڌيڪ هُجوم تماشو لڳائي رَکيو آهي. مُون کي اُن حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪا به مُثبت پوسٽ نظر نه آئي آهي. هِڪ ته ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ ايتري مُداخلت نَٿي ڪري سَگهجي، ۽ ڇاڪاڻ جو هِي مُعاملو ننڍي عمر جي ڇوڪري ۽ جوان نياڻيءَ جو آهي، اُن ڪري اُن مُعاملي تي اَهڙي راءِ ڏيڻ گهرجي، جيڪا ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ مُفيد هُجي. مان سِنڌ جي مَعصوم ٻارن، جوان اولاد ۽ والدين سان مُخاطب ٿيندي چوان ٿو ته هِي سَڀ ڪُجهه غلط آهي. شاديءَ جي ڪا به تَڪڙ نه هُئڻ گُهرجي. سَڀ کان وڌيڪ لالچ علم جي هُئڻ گهرجي، ۽ پوءِ ڪيريئر ٺاهڻ گُهرجي. شاهزيب ۽ شائلا لاءِ دُعا ئي ڪري سَگهجي ٿي، پر پاڻ اَڳتي هَلي ڏسنداسين ته اُهو جوڙو ڪامياب نه ٿِي سَگهندو. زندگي ڪا مَذاق ناهي- اَسان ماڻهن جو هِڪ وقت غلط ڪَمن، ننڍي عمر جي شادين ۽ سَماجي بُراين ۾ گُذري ويو- هاڻي اَسان کي سِکڻ جي ضرورت آهي- خاص طور تي نَئين نسل کي اَهڙي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اُهي مُعاشري جا ذميوار فرد بَڻجي سَگهن، نه ڪي پَنهنجي لاءِ خُواري پيدا ڪن، نه ئي والدين کي شَرمسار ڪن، ۽ نه ئي وري هُجوم کي تماشو لڳائڻ جو موقعو فراهم ڪَن، برحال الله سائين هر هڪ کي نياڻي ڏني آهي پاسو ڪرڻ گهرجي ، جيڪڏهن اهڙن واقعن کي اجائي واويله ڪري ڪنهن نياڻي سميت ان جي خاندان کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي جڏهن چيف ايڊيٽر مينهل لاشاري سان ڳالهه ٿي ته هن دلچسپ ڳالهه ڪئي ته اسان سڀنن کي گڏجي هن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي ، جڏهن ته اسان جي نيانين سان جيڪو ڪجهه نجي ادارن ۾ پيو ٿئي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، هاڻ ته عام ماڻهون اهو مطالبو پيا ڪن ته ڪرپٽ مافيه مان تنگ ٿي چڪا آهيون ، سنڌ پهريان وڏي امتهان مان گذري رهي آهي مهنگائي جي ڪري ڪافي پريشان آهيون پر هاڻ صرف هڪ آواز پيا ٻڌون ته سنڌ م اخص صدارتي نظام لاڳو ڪيو وڃي ، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اهي جيڪي چور لٽيرا آهن جن ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ، انهن جو صدارتي نظام ۾ ڪڙو احتساب ٿيندو ، مينهل لاشاري جي ڳالهه کي هٿي ڏيندي چوندس ته جتي جيڪڏهن رياست پاڪستان يج ادارن ۾ سياست مداخلت ڪري ادارن کي تباهه ڪري ، جتي تعليم وڪرو ٿئي جتي سنڌ جي نياڻين کي تحفط مهيا نه ٿئي جتي غريب کي انصاف نه ملي مان سمجهان ٿو ته صدارتي نظام جي ڳالهه ڪندڙن ۾ دم آهي گهٽ ۾ گهٽ انصاف ته ٿيندو ، باقي جن جن مٿان ڪرپشن جا الزام آهن انهن کي به پيسا واپس ڪرڻا پوندا ان ڪري گهٽ ۾ گهت پاڪستان جا سياستدان ڪڏهن به نه چاهيندا ته سنڌ م صدارتي نظام لاڳو ٿئي ، سنڌ ۾ ڀوتار شاهي ، جاگيرداري نظام تباهه ٿي ويندو ، برحال سنڌ اندر خطرناڪ الميه اڳيان اچي رهيا آهن جيڪي نه يٿڻ گهرجن ، بي گناهه ڪيترائي عام ماڻهون مارجي وڃن انصاف لاء هو احتجاج ڪن اهو به سمجهه کان ٻاهر آهي. zawarsaeen110@gmail.com










