ڪچي ۾ آپريشن، ڪوڪاڻي گينگ جا 4 ڌاڙيل گرفتار،هٿيار هٿ

ڪچي ۾ آپريشن، ڪوڪاڻي گينگ جا 4 ڌاڙيل گرفتار،هٿيار هٿ

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)ڪچي واري علائقي ۾ چورن خلاف آپريشن اڄ ٽئين ڏينهن به جاري آهي.ڊي پي او رحيم يار خان رضوان گوندل موجب تازي ڪارروائي ۾ ڪوڪاڻي گينگ جي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته رحيم يار خان ۾ آپريشن دوران هن وقت تائين 3 ڌاڙيل مارجي ويا آهن جڏهن ته 18 کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي پي او رحيم يار خان چيو آهي ته جوابدارن وٽان راڪيٽ لانچر، ايل ايم جيز، دستي بم، درجنين ڪلاشنڪوف ۽ هزارين گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.هن اهو به ڄاڻايو آهي ته ڊڪٽي قلعه سُکاڻي جي لڪير کي گهيري ۾ ورتو ويو آهي، جتي فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته عرفان مزاري ۽ فريده ڪوڪاڻي عرفان مزاري جي ٿاڪن تي وڌيڪ 2 پوليس ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف آر پي او سجاد حسن جو چوڻ آهي ته راجن پور جي ڪچي ۾ ڪارروائي دوران چاڪ ڪپرا ۽ خيرپور بمبئي ۾ ڊڪٽن جا ٿاڪ تباهه ڪيا ويا ۽ اتي پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو