ڪپتان جو فوج بابت تڪراري بيان ۽ سامهون آيل رد عمل

ڪپتان جو فوج بابت تڪراري بيان ۽ سامهون آيل رد عمل

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
جيڪڏهن مان پاڪ فوج جي ان ڪردار تي نظر وجهان جنهن سدائين پاڪستان جي بقا سلامتي سالميت کي قائم رکڻ لاء هر روز جاني قربانيون ڏيئي قائم رکيو آهي يوم دفاع جي ڏينهن به ملڪ اندر دهشتگردي کي مات ڏيڻ لاء خاص اطلاع تي دهشتگردن سان ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ جتي دهشتگردن کي نيست نابود ڪيو ويو اتي پاڪ فوج جا پنج جوان به شهيد ٿيا آهن جنهن تي اسان کي ناز آهي ، فخر ڪيون ٿا ، پر جهڙي ريت سدائين پاڪستان جي انهن ادارن جن بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ۾ جيڪڏهن مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، جج صاحبان جو ذڪر ڪيان ته آئين دستور پاڪستان کي مدي نظر رکي تاريخي فيصلا ڏنا آهن جن ۾ نظريه ضرورت وارا فيصلا به شامل آهن. ان سان گڏ پاڪ فوج جنهن ملڪ جي سرحدن سان گڏ ملڪ اندر جڏهن به ڪو وڏو ننڊو حادثو آيو آهي ان ۾ پاڪ فوج جا آفيسر ، سپاهي جوان به سڀ کان اڳڀرا رهيا آهن انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو ، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين سابق وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج اندر سينئر چيف جي تقرري تي هڪ جلسي ۾ خطاب ڪيو جنهن تي اسان سميت پاڪ فوج هر پاڪستاني کي ڏک ٿيو آهي ، مان عرض ڪيان ته هن وقت ملڪ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي هن وقت اهڙن ادارن کي سياست کان پري رکڻ گهرجي ۽ ڪنهن مشوري ڏيڻ کان به پاسو ڪيو وڃي ، جڏهن به ڪنهن چيف جي مقرري ٿيندي ان لاء آئين موجود آهي ، فيصلو ٿي ويندو ، ڪپتان کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي جڏهن ته ڊي جي آئي ايس پي آر پاران سخت ردعمل ڏيکاريندي چيوآهي ته پاڪ فوج آئين جي پاسداري جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نازڪ وقت ۾ پاڪ فوج جي سينيئر قيادت کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش انتهائي افسوسناڪ آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان پاڪ فوج جي سينيئر قيادت بابت توهين واري ۽ غير ضروري بيان تي پاڪ فوج ۾ شديد غم ۽ ڪاوڙ آهي. پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت کي هڪ اهڙي وقت ۾ بدنام ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جڏهن هي ادارو هر وقت پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان آرمي فيصل آباد ۾ هڪ سياسي جلسي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان پاڪ فوج جي سينيئر قيادت بابت توهين واري ۽ غير ضروري بيان تي ڪاوڙ ۾ آهي. پاڪ فوج جي سربراهه جي مقرري جنهن لاءِ آئين ۾ طريقيڪار چڱي ريت بيان ڪيو ويو آهي ان کي تڪراري بنائيندڙ سينيئر سياستدان جو اهو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ مايوس ڪندڙ آهي. فوج جي اعليٰ قيادت پنهنجي حب الوطني ۽ پيشوراڻي صلاحيتن کي ڪنهن به شڪ شبهي کان مٿاهون ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شاندار خدمتون انجام ڏنيون. پاڪ فوج جي سينيئر قيادت تي سياست ڪرڻ ۽ آرمي چيف جي چونڊ جي عمل کي سيڪنڊ لائنز ڪرڻ نه ته رياستِ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي اداري جي مفاد ۾ آهي. پاڪ فوج اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي پاسداري لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري چيو ته پاڪ فوج جي سينيئر قيادت جي اهليت ۽ حب الوطني ڏهاڪن تي ٻڌل بي داغ، شاندار عسڪري خدمتن سان ظاهر آهي، پاڪ فوج قوم جي سيڪيورٽي ۽ حفاظت لاءِ روز جانيون قربان ڪري رهي آهي .جڏهن ته مان عرض ڪندس ته مان پاڪستاني آهيان پاڪستان سان بي انتها محبت ڪيان ٿو ڪندو رهندو پاڪستان زنده باد پائينده باد ، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا به هڻدو رهندس ، پر ماضي ۾ جهڙي ريت جمهوريت جو پرو اوڙهي سياستدانن پاڪ فوج خلاف ڳالهايو آهي هي جديد دور آهي سوشل ميڊيا سان گڏ پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور به آهي جتي هن وقت به ڪيل پريس ڪانفرنسون ، احتجاج تقريرون موجود آهن ، انتهائي معذرت سان ، سابق وزيراعظم ميان شهباز شريف ، سابق صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري ، مريم نواز ، خواجه آصف ، اياز صادق ، ۽ مولانا فضل الرحمان به ياد آهي ، مان عرض ڪندس ته جيڪو به انهن ادارن ۾ مداخلت ڪري يا خلاف ڳالهائي ان جي زبان ڪاڪڙي کان ڪڍي وڃي پاڪستاني قوم توهان سان گڏ آهي ، ميمو گيٽ ، دان ليڪس به موجود آهن ، ٿيل ملڪ جي تباهي جا زميوار ڪير آهن اها به ڄاڻ هئڻ گهرجي ، آئين جي خلاف ورزي ڪنهن ڪئي اها به ڄاڻ هئڻ گهرجي ، جڏهن ته اهو به عرض ڪندس ته پاڪستان فوج هن وقت دنيا جي اهم فوجن مان هڪ آهي جنهن تي ناز ڪيون ٿا ، هڪ منفرد شناخت آهي ، پر ڪپتان عمران خان جي بيان بعد جن سياستدانن پاڪ فوج ، جنرلن خلاف ڳالاهيو اهي به ڪپتان سابق وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪن ٿا ، برحال ڪپتان جي اهڙي بيان تي مذمت ڪيون ٿا ، ڪپتان کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيئن ڪنهن به اداري جي سربراهه سميت هر هڪ پاڪستاني جي دل آزاري نه ٿي سگهي ، ان ڪري هن وقت وري به گڏي پاڪستان ۾ سيلاب متاٽرين بارش متاثرين جي مدد ڪرڻ لاء تمام سياسي پارٽين کي گڏ ٿي هڪ پليٽ فارم تي مدد ڪرني پوندي ،
جڏهنن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري زرداري چيو آهي ته اسان جي سپاهي وٺي پاڪ فوج جي جرنيل تائين هر هڪ بهادر ۽ محب وطن آهي. عمران خان جي گذريل ڏينهن وري بيان تي ردعمل ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته سڄي قوم کي نظر اچي پيو ته ملڪ لاءِ فتنو ڪير آهي؟ اڄ سڀني کي انسان ۽ حيوان جي خبر پئجي وئي. صدر آصف علي چيو ته عمران خان ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي ورتو آهي، جيڪو اسان جي جيئري پورو نٿو ٿي سگهي، انهي شخص جي خاطر ادارن ۽ جرنيلن کي تڪرارن جي ور چڙهڻ نه ڏنو ويندو، اسان سپاهي کان وٺي جرنيل تائين، فوج جو هر جوان مجب وطن آهي. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته سڄي قوم ھن وقت ٻوڏ سٽيلن سان گڏ بيٺل آھي ۽ هي شخص جلسا ڪري رهيو آهي، خيبر پختونخوا پنجاب ۾ به رڳو وفاقي حڪمت نظر پئي اچي، ڪي پي ۽ پنجاب جون صوبائي حڪومتون رڳو جلسن جي تيارين ۾ رُڌل آهن. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت خلاف عمران خان جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان پاڪستان کي افغانستان، ليبيا ۽ شام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان فوج ۽ ڪمانڊرن جي حب الوطني تي سوال نه اٿاري، هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿيو ته عمران خان معيشت، سياست ۽ معاشرتي هم آهنگي لاءِ اَن گائيڊ ميزائل آهي. هن چيو ته ادارن جي ميمبرن کي حب الوطني ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ان انارڪسٽ جي سڃاڻپ آهي، عمران خان پاڪستان کي افغانستان، ليبيا ۽ شام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جون محب الوطن قوتون عمران خان جي ناپاڪ عزمن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون، هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، عوام فوج سان گڏ آهي ، مان عرض ڪندس ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين جناب عمران خان کي به هن بيان تي مفصل ڳالهائيڻ لاء پاڪ فوج جي هر جوان جي ٿيل دل آزاري تي معافي وٺڻ گهرجي ۽ وضاحت ڪرڻ گهرجي ، جڏهن ته گذارش ڪيان ته پاڪستان جو هي واحد سياستدان آهي جنهن پاڪستان جي عوام کي لٽيندڙ سياستدانن چورن ۽ پاڪ فوج خلاف ڳالاهئيندڙن کي بي نقاب ڪيو آهي ، تڏهن ته پي ڊي ايم سميت 11 کان مٿي جماعتون هڪ طرف ۽ ڪپتان اڪيلو سر انهن کي اليڪشن پوء بلدياتي هجي يا ضمني اليڪشن هجي ساهه بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ عبرات ناڪ شڪست ڏيئي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي ، بس مونکي پڻ اهو صدمو پهتو آهي ته پاڪ فوج کي سياست کان پري رکيو وڃي ، پي ڊي ايم رهنمائن جا اهي ويڊِوز جيڪلا پاڪ فوج پاڪستان جي ادارن خلاف ڳالاهيو آهي اهي منظر عام تي آڻي جيئن پاڪستان جي عوام سميت پاڪ فوج به ڏسي ۽ انهن جي حقيقت جي انهن کي خبر پئجي سگهي ، پر مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن ڪپتان به آئين خلاف ڳالهه ڪئي ته ڪروڙين عام ماڻهون ڪپتان سان ساٿ نه ڏيندا آئين انهن جي ادارن سان گڏ بيهندا ، بارش پوڻ کان پوء به اهڙن حڪمرانن جي پت اڳيان اچي وئي آهي ، ڪي پي ڪي ، خاص بلوچستان ، سنڌ ۾ لکين ماڻهون بي گهر ٿي ويا گهر ڪري پيا هڪ هزار کان مٿي ماڻهون مري ويا ، پر هن وقت تائين عوام سنڌ جي سڳوين زيرو پوائنٽ يوسي عبدالڪريم کرل درياه ۾ هزارين ماڻهون ڦاٿل آهن انهن جي في الفور مدد ڪئي وڃي پاڻي مان ڪڍي تحڦط ڏنو وڃي ، جڏهن ته هن وقت تائين سنڌ سميت پاڪستان جا سياستدان جهازن تي چڙهي اڃان وزت پيا ڪن ته ڪيترا ماڻهون بچي ويا آهن باقي ڪنهن به غريب جي مدد ناهي ڪئي وئي ، جڏهن ته پاڪ فوج اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن تي سلام پيش ڪيون ٿا عرض ڪندس ته پاڪ فوج سميت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت قابل احترام جج صاحبان خلاف ڪو سياسي تڪراري بيان نه ڏنو وڃي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. zawarsaeen110@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو